ڏوڪري ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڏوڪري شھر سميت موهن جو دڙو، غلام قادر انڙ، چنا ماچي، چڪرو، احمد علي ڪلهوڙو، خچرپور، بگي، ڍنڍ، اعواڻ، گاجيديرو، ڪاراڻي، ڳجهڙ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جا متاثر ماڻھو بي يارو مددگار روڊن رستن ۽ بندن تي ويٺل آهن. ٽينٽ ۽ مڇردانيون نه ملڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن کي گيسٽرو ۽ ٻيون مختلف بيماريون وڪوڙي ويون آهن. ھوڏانهن متاثرن مسعود ٻگھيو، وحيد سولنگي، سارنگ ڪنڀر، زوهيب جلباڻي ۽ ٻين چيو ته اسان کي 15 ڏينهن ٿي ويا اسان روڊن رستن ۽ بندن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آھيون، اسان کي نه راشن مليو آھي، نه ئي ٽينٽ ۽ مڇردانيون مليون آھن. هنن چيو ته اسان جا ٻارڙا ۽ عورتون گيسٽرو ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن، دوائن جي سهولت موجود ناهي، هنن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي جنهن کان بچا لاءِ ٽينٽ ۽ مڇرداني جو هئڻ لازمي آهي. هنن سنڌ سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن سميت وسوارن کي اپيل ڪئي ته فوري طور تي واهر ڪئي وڃي، اسان جا ٻارڙا بکون ڪاٽڻ سبب مري رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close