اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ توهين عدالت ڪيس ۾ عمران جو جواب رد ڪري ڇڏيو. ڪالهه چيف جسٽس اطهر من الله فيصلو ٻڌائيندي چيو ته عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي، مٿس ٻن هفتن ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. چيف جسٽس فيصلو ٻڌائيندي چيو ته عمران خان جو جواب تسلي جوڳو ناهي. جڏهن به ڪو سياسي ليڊر عدالت ۾ ايندو آهي ته اسان کي افسوس ٿيندو آهي. عمران خان تي 22 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪنداسين. عدالت ڪيس ۾ مدد ڪندڙ عدالتي مددگارن جا به ٿورا مڃيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل 5 رڪني بينچ شنوائي کانپوءِ متفقه طور تي فيصلو ٻڌايو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لکت واري حڪم ۾ چيو آهي ته ايڊووڪيٽ صفائي، اٽارني جنرل ۽ عدالتي معاونن سميت ٻيهر وڪيل پاران جمع ڪرايل جواب کي ٻڌو ۽ آگاهه ڪيو، جيڪا تقرير جي وضاحت هئي جنهن سبب توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. نهال هاشمي ۽ فردوس عاشق اعواڻ سميت مختلف ڪيسن جو حوالو ڏيندي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته جواب اطمينان بخش نه ملڻ تي اسان يقين نه ٿا ڪريون ته سندس خلاف جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس جواب ۾ مبينا طور تي توهين بابت صفائي ڄاڻايل آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ فيصلي ۾ چيو ويو ته فرد جرم داخل ڪرڻ جي شنوائي 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪريون ٿا ۽ ايندڙ شنوائي اڍائي وڳي مقرر تاريخ تي ٿيندي. واضح رهي ته گذريل شنوائي تي عدالت عمران خان طرفان ايڊيشنل جج زيبا چوڌري بابت بيان تي توهين عدالت ڪيس ۾ 8 سيپٽمبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. 31 آگسٽ تي ڏنل عدالت جي حڪم موجب عمران خان گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نئون جواب جمع ڪرايو هو، جنهن ۾ هن چيو ته غير ارادي طور لفظ ڳالهائڻ تي افسوس آهي، بيان جو مقصد عورت جج جي دل آزاري ڪرڻ نه هو، جيڪڏهن ان جي دل آزاري ٿي آ ته افسوس آهي. هن پنهنجي جواب ۾ عدالت کان وضاحت منظور ڪندي اپيل ڪئي ته توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي. واضح رهي ته 20 آگسٽ تي عمران خان خلاف اسلام آباد جي علائقي صدر جي مئجسٽريٽ علي جاويد جي فرياد تي مارگلا ٿاڻي ۾ دهشتگردي روڪ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو ته شهباز گل جي گرفتاري خلاف عمران خان جي قيادت ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان دوران تقرير ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين اسلام آباد پوليس جي اعليٰ ترين آفيسرن ۽ هڪ معزز عورت ايڊيشل جج کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ شروع ڪيو. ريلي کي خطاب ۾ عمران خان اسلام آباد پوليس جي آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته اسان توهان کي نه ڇڏينداسين. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت توهين عدالت واري ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران صحافين سان غير رسمي گفتگو دوران صحافين جي سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته خبرون اچي رهيون آهن ته حڪومت توهان کي گرفتار ڪرڻ جو پلان ٺاهي رهي آهي؟ جنهن تي عمران خان چيو ته اهڙيون خبرون اينديون رهنديون آهي، مان جيل وڃي وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندس. سخت سيڪيورٽي بابت پڇيل سوال جي جواب تي عمران خان چيو ته ائين لڳي رهيو آهي جيئن ڪلڀوشن ياديو ( ڀارت ڳجهي ايجنسي را جو جاسوس) اچي رهيو آهي، خبر ناهي کين ڪهڙي شئي کان ڊپ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close