پاڪستانسنڌ

مسوڀرڳڙي لڳ ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

مسوڀرڳڙي: يوسي مسوڀرڳڙي جي ڳوٺ صاحب خان نونداڻي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري رھواسي سخت پريشان آهن، هتان جي جامع مسجد جو رستو مڪمل پاڻي هيٺ هجڻ ڪري نمازي گندي پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آهن. ان موقعي تي رھواسين نياز حسين، الهوسايو، جميل احمد، جنيد، سهيل نونداڻي ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ صاحب خان نونداڻي کي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه حيدرآباد ترقياتي ڪمن ۾ مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي ۽ لاڳيتو برساتن پوڻ ڪري ڪيترن ئي غريبن جا اجها ڊهي پٽ پئجي ويا آهن نه مڇرمار اسپري ٿيو آهي ۽ نه ڪنهن کي راشن مليو آهي، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته اسان تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪمشنر حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪيون ته ڳوٺ مان برساتي پاڻي ڪڍرائي مسڪينن ۽ پورھيتن جي سهائتا ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button