پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان ۾ برسات متاثرن کي ملندڙ رقم مان ڪٽوتي، عورتون پريشان

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ متاثر عورتن جي رقم ۾ سرعام ڪٽوتي، ضلعي انتظاميا ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ٽنڊو محمد خان ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي متاثر عورتن جي امدادي رقم ۾ ٽنڊو محمد خان شهر جي اندر قائم سينٽرن سان گڏ ضلعي جي سمورن سينٽرن تي سرعام 2 کان 5 هزارن تائين ڪٽوتي ڪري ڊوائيس هولڊر غريب مسڪين عورتن جي رقم ۾ ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ سينٽرن جي ٻاهران ايجنٽ مافيا عورتن کان پئسا وٺڻ کان پهرين سندن نادرا جا مليل قومي شناختي ڪارڊ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڪارڊ پنهنجي هٿ ۾ وٺي 10 کان 12 عورتن کي قطار ۾ بيهاري سينٽر جي اندر وٺي پئسا هڪ ڄڻي وٽ جمع ڪرڻ بعد سينٽر کان ٻاهران عورتن کي رقم ڏئي ڪٽوتي ڪئي وڃي پئي. شهرين آصف چانڊيو، مير نسيم ٽالپر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ايترو وڏو ظلم ٽنڊو محمد خان ۾ غريب مسڪين عورتن سان ڪيو وڃي پيو، جنهن جي انتها ٿي ويئي آهي، انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي غريب عورتن جي امدادي رقم ۾ 5 هزار روپين تائين ڪٽوتي جو نوٽيس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button