پاڪستانسنڌ

شاھبندر جي پوڇڙ ۾ رٽائرينگ بند کي 50 فوٽ گهارو، عملو گم

چوھڙجمالي/ٺٽُو: سنڌو درياهه ۾ وڏي چاڙھه سبب شاھبندر جي پوڇڙ ۾ ڪوڪا واري رٽائرينگ بند کي ڳوٺ آدم ڪليري وٽان 50 فوٽ گھارو پئجي ويو، گھاري جو پاڻي ڀرسان وھندڙ ماڇڪي نالي ۾ داخل ٿي ويو، جنھن کي ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھن. جڏھن ته آبپاشي کاتي جو عملو ڪٿي به نظر نه آيو. ڳوٺاڻن احمد خان ڪليري، عمر ڪليري، محمد ڪليري ۽ بين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته پاڻي ۾ وڏي تيزي آھي اسان جا ڳوٺ ٻڏڻ جو خوف آھي، آبپاشي کاتي جو ڪوبه علمدار اسان سان ٻانھن ٻيلي ناھي، اسان پاڻمرادو گھارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون. ھوڏانھن پ پ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي ايم پي اي سيد شاھه حسين شاهھ شيرازي، ڊي سي سجاول شهريار ميمڻ، چيف انجنيئر ڪوٽڙي بيراج حاجي خان جمالي ۽ ٻين گهاري واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو.

ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي گھاري واري ھنڌ پھچي ڳوٺاڻن سان ھمدردي جو اظھار ڪندي کين ھر ممڪن مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ ڳوٺاڻن کي گھاري بند ڪرڻ لا پنھنجي طرفان مشينري ڏيڻ جو پڻ يقين ڏياريو. ان موقعي تي محمد علي ملڪاڻي صحافين سان ڳالھانئيدي چيو ته اسان بي وس ٿي ويا آھيون، اسان جي ڪير به نٿو ٻڌي. بيوروڪريسي پنھنجي مرضي پئي ھلائي، عوام کي بي يارو مدد گار ڇڏيو ويو آھي، کين نه ڇت ملي آھي نه کاڌي پيتي جو ڪو سامان ڏنو ويو آھي. ھيڏو گھارو پيو آھي پر انتظاميه نظر ئي نٿي اچي. اسان عوام کي ڪھڙا ڪوڙا دلاسا ڏيون. هوڏانهن سامونڊي جوار ۾ چاڙھه سبب سجاول ضلعي جي بچا بندن سورجاڻي بند، منارڪي بند، مولچند بند ۽ ڪوڪا بچا بند تي پاڻي جو سخت دٻا آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button