پاڪستانسنڌ

يو ايس ايڊ طرفان امدادي سامان ۽ کاڌو سنڌ حڪومت حوالي

ڪراچي: يو ايس ايڊ پاران سنڌ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن لاءِ امدادي سامان ۽ کاڌو سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو. هوائي جهاز ذريعي اسلام آباد کان سکر ايئرپورٽ تائين امدادي سامان پهچايو ويو. جتي سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري صوبائي وزير انجنيئر عبدالباري خان پتافي، صنعت، تجارت ۽ گڏيل امداد واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سکر عبدالماجد ماڪو يو ايس ايڊ جي وفد جي ميمبرن جو استقبال ڪيو ۽ امدادي سامان وصول ڪيو. يو ايس ايڊ جو وفد سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو. ان موقعي تي سنڌ جي صوبائي وزيرن ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ عبدالباري خان پتافي چيو ته يو ايس ايڊ جي وفد جي سنڌ اچڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي اسان سندن ٿورائتا آهيون. صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته تازو برساتن ۽ ٻوڏن سڄي سنڌ ۾ وڏي تباهي مچائي آهي ۽ لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. سنڌ حڪومت پاران متاثرن جي لاءِ کاڌ خوراڪ، دوائن ۽ ٻين سهولتن سميت بحالي جون سرگرميون جاري آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button