سنڌ

ٽنڊوالهيار جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خيما اسڪول قائم

عثمان شاھه ھڙي: صوبائي وزير ورڪس ۽ سروسز سيد ضياء عباس شاهه رضوي جي ڪاوشن سان ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ برسات متاثر ڳوٺن ۾ خيما اسڪول قائم ڪيا ويا آهن، جتي عمارتن کي نقصان پهتو آھي اتي ٽينٽ لڳائي بند پيل اسڪول شفٽ ڪيو آھي جتي استادن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم شروع ڪئي وئي آھي. تعليم کاتي جي عملدارن جو چوڻ آھي تازو ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ برسات دوران ڪيترائي سرڪاري اسڪول متاثر ٿيا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي اسڪولن ۾ متاثر رهيا پيا آهن جڏهن ته شاگردن کي تعليم ڏيارڻ لا ٽينٽ اسڪول قائم ڪري برسات متاثرن جي ٻارن کي تعليم ڏني پئي وڃي. هن ٻڌايو ته صوبائي وزير سيد ضياء عباس شاھه رضوي جي خاص هدايتن تي وڌيڪ 16 اسڪول قائم ڪيا ويندا ته جيئن شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button