پاڪستان

پشاور کان روهڙي تائين هلندڙ هفتي ٽرين آپريشن بحال ڪرڻ جو فيصلو

ريلوي اختيارين سکر ۾ ٻوڏ جو پاڻي گهڻي حد تائين لهڻ بعد 10 سيپٽمبر کان لاهور، راولپنڊي ۽ پشاور کان روهڙي تائين ٽرين آپريشن بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ريلوي اختيارين موجب سکر ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهٽتائي اچڻ بعد ريل گاڏين کي لاهور کان سکر (روهڙي) تائين هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ لاهور، راولپنڊي ۽ پشاور کان روهڙي تائين مسافر ٽرين سروس شروع ڪئي ويندي. 10 سيپٽمبر کان خيبر ميل پنهنجي مقرر وقت صبح جو پوڻين 6 وڳي روهڙي کان رواني ٿيندي ۽ ملتان رستي لاهور ۽ راولپنڊي کان ٿيندي پشاور پهچندي. واضح رهي ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ ۾ 26 آگسٽ کان ٽرين آپريشن معطل آهي، ٻوڏ واري صورتحال سبب لاهور کان ڪوئيٽا ۽ ڪراچي لا ٽرين آپريشن 15 ڏينهن کان بند آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button