پاڪستان

توهين عدالت ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد اڳتي ڇا ٿيندو؟ قانوني ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف توهين عدالت جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد اڳتي ڇا ٿيندو؟ ان حوالي سان لاهور ها ڪورٽ جي اڳوڻي جج شاهه خاور جو چوڻ آهي ته فرم جرم لاڳو ٿيڻ بعد هن ڪيس جو ٽرائل شروع ٿي ويندو، عدالت جڏهن جوابدار کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي آهي ته اهو مرحلو تمام گهڻو اهم هوندو آهي، جيڪڏهن ان مرحلي تي جوابدار غير مشروط معافي گهري وٺي ته ان ڳالهه جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن ته عدالت کيس معاف ڪري ڇڏي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شاهه خاور چيو ته جيڪڏهن فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو مرحلو اچي وڃي ۽ ڪورٽ مارشل جيان ڪورٽ آف انڪوائري ويٺل هجي ته ڏوهه ثابت ٿيڻ ۽ جوابدار کي سزا ٻڌائڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن، فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد پراسيڪيوشن جي شاهدن کي طلب ڪيو ويندو آهي، عمران خان خلاف ڪو گواهه ته پيش نه ٿيندو پر کيس سندس ئي بيانن جي ٽرانسڪرپٽ ڏني ويندي، ان کان علاوه جوابدار کي به اهو حق حاصل هوندو آهي ته هو پنهنجي بيانن جي حق ۾ ڪو شاهد به پيش ڪري سگهي ٿو. شاهه خاور وڌيڪ چيو ته عمران خان وٽ ها ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو حق حاصل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button