پاڪستان

آمريڪا جو ايف 16 جي سامان بابت پاڪستان سان 45 ڪروڙ ڊالر جو معاهدو

آمريڪا پاڪستان کي ايف-16 جهازن جو مرمتي سامان ۽ اوزار ڏيڻ تي راضي ٿي ويو، ان سلسلي ۾ پينٽاگون سامان جي فراهمي لا پاڪستان سان 45 ڪروڙ ڊالرن جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، واشنگٽن انتظاميا مطابق انهن اوزارن جي وڪري سان خطي ۾ بنيادي فوجي توازن تي ڪو به فرق نه پوندو. آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب معاهدي جو ٺيڪو لاکيڊ مارٽن ڪارپوريشن کي ڏنو ويندو. ٻئي طرف يو ايس ڊفينس سيڪيورٽي جي آپريشن ايجنسي جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان پاڪستاني حڪومت کي هوائي فوج جي ايف-16 جهازن لاءِ لاڳاپيل اوزار ۽ سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، پاڪستان طرفان ايف 16 جهازن جي سسٽيمنٽ ۽ سپورٽ پروگرام لاءِ آمريڪي حڪومت کان اهو مطالبو ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button