سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ جي ڪري وڌيڪ 36 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي جاني نقصان وڌي 1391 ٿي ويو آهي. قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لا قائم ڪيل وفاقي اداري اين ڊي ايم اي مطابق 14 جولا کان 8 سيپٽمبر تائين پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 1391 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جن ۾ 496 ٻار شامل آهن، جڏهن ته مختلف واقعن ۾ 12 هزار 722 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن. اين ڊي ايم اي مطابق سنڌ صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ 577 ماڻهو برساتن ۽ ٻوڏ سبب زندگي جي جنگ هارائي چڪا آهن، خيبر پختونخوا ۾ 293، بلوچستان ۾ 263 ۽ پنجاب ۾ فوتين جو انگ 191 آهي. سڄي ملڪ ۾ 80 ضلعا برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿي چڪا آهن. 3 ڪروڙ 30 لک 46 هزار 329 ماڻهو سخت متاثر ٿيا آهن، 6579 ڪلوميٽر رستا برساتن ۽ ٻوڏ جي تيز وهڪرن ۾لڙهي ويا، جڏهن ته 7 لک 53 هزار 187 جانورن کي نقصان پهتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close