سنڌ

ڀان، دادو ۽ ڳوٺ بچائڻ جون ڪوششون، انتظاميا سنڌو درياهه جي ايل ايس بند کي ڪٽ هڻي ڇڏيو

ڀان سيدآباد ۽ دادو شهر سميت سوين ڳوٺن کي ٻوڏ کان بچائڻ ۽ پاڻي کي رستو ڏيڻ لا سنڌو درياهه جي لاڙڪاڻو سيوهڻ بچاءُ بند (ايل ايس بچا بند) کي آر ڊي 100 ميل وٽان ڪٽ ڏنو ويو، جنهن سان منڇر ڍنڍ جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ نيڪال ٿيندو، وڏي وزير سيوهڻ پهچي انتظاميا کي پاڻي کي رستو ڏيڻ جي هدايت ڪئي، ٻئي پاسي منڇر ڍنڍ ۾ آيل چاڙهه ڄامشوري ۽ دادو ضلعن جي رهواسين جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، ٽلٽي سميت ڀانن جون وڌيڪ 2 يونين ڪائونسلون ٻڏي ويون، پاڻي جو آبادين ڏانهن رخ هجڻ ڪري ڀان سيدآباد ۽ دادو شهر کي رنگ بند ٻڌڻ جو تياريون آهن. تفصيل موجب منڇر ڍنڍ جي ڪيل تباهين بعد وڏي وزير سيوھڻ پھچي انتظاميا کي هدايتون ڏنيون، مراد علي شاهه جي ھدايتن، ضلعي انتظاميا ۽ آبپاشي کاتي جي آفيسرن جي صلاح ۽ ٽيڪنيڪل مشورن بعد آر ڊي 100 ميل وٽان سنڌو درياهه جي ايل ايس بند تي ڪٽ ڏنو ويو آهي، ڪٽ ڏيڻ سان منڇر ڍنڍ جو پاڻي درياهه ۾ نيڪال ٿيندو. ان حوالي سان آبپاشي ماھرن جو چوڻ ھو ته درياهه ۾ چاڙھه سبب گهٽ نيڪال ٿيندو، درياهه ۾ لاٿ بعد وڌيڪ مقدار ۾ خارج ٿيندو، جنھن بعد ٻوڏ وارن علائقن ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي ويندي. ٻئي پاسي سيوھڻ جو لاڙڪاڻي سميت ٻين علائقن سان زميني رابطو اڃا تائين ڪٽيل آهي. جڏهن ته منڇر جو پاڻي داخل ٿيڻ بعد سم نالي کي ڀان سيدآباد جي ڳوٺ گلشير مهر وٽان 3 گهارا پئجي ويا، جنهن سبب ڳوٺ گلشير مهر، شريف جا ڀاڻ، مشتاق جمالي، ماهه ڪڪي، سامتاڻي، آباد، روهڙي، رنگ، بوزدار، يوسف ٿيٻو، کڏي، نارو ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، واهڙ ڀرسان هڪ ڳوٺاڻي جو لاش مليو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، تنهن ڪري لاش سيوهڻ اسپتال جي سرد خاني ۾ رکرايو ويو آهي، ڀانن جي يوسي پير شاهنواز جا ڳوٺ به پاڻي هيٺ آيا آهن، ڳوٺ رحمت الله سيهڙو ۾ 8 ماڻهو ٻن ڏينهن کان ڦاٿل هئا، جن کي ڳوٺاڻن خانگي ٻيڙيون ڪرائي ٻاهر ڪڍيو پر انهن منجهان هڪ ڄڻو فوت ٿي چڪو هو ۽ هڪ شخص بيهوشي واري حالت ۾ هو، اٺن ماڻهن مان 2 ٻار گم آهن، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. آباد ۾ سم نالي جي بندن تي بي يارو مددگار ويٺل ٻوڏ متاثرن ٻڌايو ته کين خيما ۽ راشن نه مليو آهي، حڪومت ڪابه سار ناهي لڌي، سخت اس ۽ گرمي ۾ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هوڏانهن انتظاميا پاران ڀان سيدآباد شهر خالي ڪرائڻ لا الرٽ جاري ڪرڻ بعد گذريل رات کان ئي 5 لک آبادي لڏپلاڻ شروع ڪئي، سڄو شهر بند هجڻ ڪري کاڌي پيتي جي شين ۽ ڀاڄين جو بحران پيدا ٿي ويو، پاسي منڇر جي پاڻي بوبڪ، واهڙ، آراضي، چنا ۽ جعفرآباد کي متاثر ڪرڻ بعد يونين ڪائونسل ٻنڀا ۽ ٽلٽي ۾ به تباهي مچائي ڇڏي آهي، ٻوڏ جي پاڻيءَ جو رخ هن وقت ڀان سيدآباد ڏانهن آهي، تنهن ڪري شهر کي رنگ بند ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ٻوڏ جي پاڻي قديمي شهر ٽلٽي کي چوڌاري گهيري ورتو آهي، جڏهن ته انتظاميا ڀان واسين کي لڏپلاڻ ۾ ڪا به مدد يا انتظامي سهڪار فراهم نه ڪيو آهي، منڇر کي مختلف هنڌن تي ڏنل ڪٽ ۽ بند کي گهارن سبب سيوهڻ تعلقي جون 7 يوسيز سخت متاثر ٿيون آهن، جتي هزارين متاثر محفوظ هنڌن تي وڃڻ لا پريشان آهن، دانستر واهه وٽ آرمي جي ٽيمن طرفان ٻيڙين ذريعي ريسڪيو آپريشن ڪيو پيو وڃي. يوسي جعفرآباد جي ڳوٺ ننگرخان بروهي ۾ 18 فوٽ پاڻي بيٺل هجڻ ڪري ڳوٺاڻا گهرن جي ڇتين تي چڙهي ويا آھن، جتي 24 ڪلاڪن گذرڻ باوجود انتظاميا سندن ڪا واهر نه ڪئي. ٻئي طرف دادو ۾ 7 شاخ ڀرسان ايم اين وي ڊرين کي روڻيون پيون آھن، تنهن ڪري پاڻي جو تيز وهڪرو آبادي ڏانهن وڌڻ لڳو آهي، منڇر ۾ لاٿ باوجود دادو ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ خاص گهٽتائي نه آئي ۽ شهر کي وري ڀان سيد آباد واري پاسي کان خطرو وڌي ويو آهي، ميهڙ جي رنگ بند تي دٻاءَ برقرار آهي جڏهن ته ڪي اين شاهه شهر مان اڃا تائين 6 انچ پاڻي لٿو آهي، دادو ڀرسان ايم اين وي ڊرين مان نڪرندڙ ستين شاخ کي پير مشائخ وٽان واٽر ڪورس جي موري کلي پئي، جنهن سبب پاڻي دادو واري پاسي وڌڻ لڳو، اطلاع تي پ پ جو ضلعي صدر ايم اين اي رفيق جمالي، آبپاشي کاتي ۽ ضلعي عملدار مشينري ساڻ ڪري پهتا، مسلسل 4 ڪلاڪن جي محنت بعد موري کي بند ڪيو ويو، جڏهن ته پاڻي دادو شهر طرف اچڻ جي افواهن سبب وڏي انگ ۾ شهري پڻ پهچي ويا، ايم اين وي ڊرين ۾ پاڻي وهڪرو نه گهٽجڻ ڪري جوهي جي رنگ بند تي پڻ دٻاءُ برقرار آهي، جڏهن ته ڀان سيد آباد مان پاڻي دادو طرف وڌڻ سبب ضلعي انتظاميا دادو شهر کي رنگ بند ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لا ڳري مشينري ٻرڙا شاخ تي پهچائي شهر کي رنگ بند ٻڌڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ پهچي دانستر واهه جو فضائي معائنو ڪيو، جنهن دوران کيس بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڻي ڀان سيدآباد طرف وڌي رھيو آھي، جتان ماڻھو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن پر مون کي اميد آھي ته ڀان سيدآباد بچي ويندو. هن چيو ته منڇر جي دانستر واهه مان پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ٿي رھيو آهي، منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ڏيڻ سان گهڻو نه پر ڪجهه رليف ضرور ملندو، ڇو ته پٺيان ٻيو پاڻي به اچي پيو، انڊس لنڪ کي گھارو پوڻ بعد ٻه يوسيون ٽلٽي ۽ ٻنڀا ٻڏي ويون آهن. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ آبپاشي عملدارن ۽ فوج جي انجنيئرن سان گڏجاڻي ٿي آھي، اسان جي اندازي کان وڌيڪ پاڻي آھي تنهن ڪري ھر قسم جو احتياط ڪريون پيا، ميڊيا ڀلي اسان تي تنقيد ڪري پر صحيح نموني رپورٽ ڪيو وڃي، اهڙي تنقيد نه ڪري جنهن سان عالمي ڊونرز کي اهو تاثر ملي ته هتي سڀ ڪجهھ فيل ٿي ويو آھي، هاڻوڪي ٻوڏ وڏو الميو آهي، مون پنهنجي سڄي زندگي ۾ اهڙو الميو ناهي ڏٺو. سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ھن مھل سنڌ حڪومت منڇر ڍنڍ مان پاڻي جي نيڪال تي فوڪس ڪري رھي آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي رهي آهي، ايندڙ 8 کان 10 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. جنهن بعد منڇر ڍنڍ جي پاڻي کي سنڌو درياهه ۾ رستو ڏيڻ لاءِ لاڙڪاڻو- سيوهڻ بند ۾ ڪنٽرولڊ ڪٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) جي ڳري مشينري ايل ايس بند تي پهچي وئي آهي. هن چيو ته ايل ايس بند ۾ ڪٽ لڳائڻ سان منڇر ڍنڍ جو پاڻي 15 کان 20 ڏينهن اندر نڪري ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل ٽاسڪ فورس جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته ڪوٽڙي بئراج تي هن وقت مٿانھين درجي جي ٻوڏ آهي. پاڻي جي آمد 6 لک 4 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ پاڻي جو ڇوڙ 5 لک 83 هزار 900 ڪيوسڪ آهي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 11 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ اخراج 2 لک 7 هزار 700 ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته سکر بئراج وٽ پاڻي جي آمد 3 لک 23 هزار 200 ڪيوسڪ آهي ۽ اخراج 2 لک 23 هزار 209 ڪيوسڪ آهي. صوبائي وزير چيو ته ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ پاڻي جي نيڪال جي صورتحال بهتر ٿي آهي. قمبر شهداد ڪوٽ ۾ اڃا به مسئلا آهن، جڏهن ته پاڻي جي سطح هيٺ اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ھن چيو ته آر بي او ڊي به پاڻي ڪڍي رهيا آهن، جڏهن ته روهڙي ڪئنال به پنھنجي فل ڪيپسٽي سان وهي رهيو آهي. هن چيو ته ٽاسڪ فورس اجلاس ۾ 30 سيپٽمبر کان اڳ سرڪاري ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي تجويز رکي وئي آهي ته جيئن اٽي جو بحران پيدا نه ٿئي. سنڌ حڪومت، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا متاثرن کي راشن ۽ خيمن جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهي آهي. جن علائقا ۾ وڃڻ ممڪن ناهي اتي پاڪستان آرمي ۽ نيوي ريسڪيو جو ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته 172000 خيما متاثرن تائين پهچايا ويا آهن. متاثرن کي هڪ لک ترپال ۽ 10 لک مڇر دانيون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته متاثر علائقن ۾ جانورن جي خوراڪ جو وڏو بحران آهي. سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته جتان به جانورن جي خوراڪ ملي خريد ڪئي وڃي. ھن چيو تہ چوپائي مال کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ويڪسينيشن پڻ شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪچي جا ماڻهو بندن مٿان محفوظ هنڌ تي آهن ۽ انهن کي به راشن ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ٻيلي کاتي جي زمين تي پوکائي نه ٿي ڪري سگهجي. ڪجهه علائقن ۾ شڪايتون آهن، انھن کي درست ڪيو پيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت امدادي سامان جي خريداري پاڻ ڪري رهي آهي. جڏهن ته ٻاهرين ملڪن مان ملندڙ امداد NDMA جي ذريعي ورهائي پئي وڃي. هن چيو ته امداد 100 سيڪڙو حقدارن کي ڏني پئي وڃي. صوبائي وزير چيو تہ سنڌ جي وڏي وزير سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڪنهن به ڊي سي اها شڪايت ناهي ڪئي ته کيس فنڊ ناهين مليا. هن چيو ته هي ڪا آئيڊيل صورتحال ناهي، هي قيامت جو منظر آهي. قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ڪنهن پنهنجي طاقت کان وڌيڪ مدد ڪئي آهي. ليڊي آفيسرن، ملازمن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، استادن سڀني کي خدمت ڪندي ڏٺو آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي به متاثرن جي مدد ڪري رهيا آهيون، هي ڪو احسان نه پر اسان جو فرض آهي. صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ ٻار رانديڪن کان محروم ٿي ويا آهن، ان ڪري سرندي وارا اڳتي اچن. هن چيو ته هن ايمرجنسي واري صورتحال ۾ هڪ شيطان کانسواءِ پوري قوم هڪ آهي، جيڪو نه انسان آهي ۽ نه وري مسلمان. ڇا هن کي خبر ناهي ته اهڙين حالتن ۾ مسلمان جو ڪهڙو فرض آهي؟ سڀني جي خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو آهي، پر عمران نيازي اڄ تائين لاڏلو آهي. عمران خان جي ويڙهه ڪنهن سياسي پارٽي سان نه پر پاڪستان سان آهي. عمران خان ذهني طور هٽلر آهي. کيس اليڪشن ڪمشنر مرضي جو گهرجي، عدليه ۽ فوج به مرضي جي گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button