سنڌ

عرضي ڀٽو جي رهواسين جو بااثر پوليس اهلڪار خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ عرضي ڀٽو جي رهواسين بااثر پوليس اهلڪار ۽ سندس مائٽن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت فيض محمد ڀٽو پنهنجي امڙ حسينه، ڀيڻ مومل، ماسي حفيظه ڀٽو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته منهنجي مرحوم ناني ارباب ۽ ڏاڏي نواب ڀٽو جي نالي تي ڏيڍ ايڪڙ زرعي زمين تي ڊي آءِ جي آفيس جو آپريٽر اهلڪار بابر ڀٽو ڪيترن ئي سالن کان قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن پنهنجي پيءُ، چاچي ۽ ٻين سان گڏجي ڪالهه پلاٽ تي اچي غيرقانوني ماپ ڪرائي منع ڪرڻ تي هن مون سميت منهنجي ما حسينه خاتون کي ڪلاشنڪوف جا ڌڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس اچي کيس گرفتار ڪرڻ بعد رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو، جيڪو پلاٽ جي مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثر پوليس اهلڪار ۽ سندس مائٽن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button