سنڌ

ڳڙهي حسن ويجهو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف مظاهرا

ڳڙهي حسن ويجهو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف متاثرن احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان موقعي تي ڳوٺ حيرالدين ڪٽوهر جي رهواسين محمد مراد ڪٽوهر، پيارو خان ڪٽوهر، فاروق علي، منٺار علي ڪٽوهر معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي چيو ته مهينو گذرڻ باوجود به کليل آسمان هيٺان ويٺل آهيون ڪنهن داد رسي ناهي ڪئي، مختيارڪار ٺُل اسان جي ڳوٺ کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو آهي. اختياريون نوٽيس وٺي ڳوٺ ۾ سروي ڪرائي راشن، خيما ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي واهر ڪن.
ٻئي طرف ڳوٺ فيروز خان ڪنڊراڻي جي رهواسين سمندر ڪنڊراڻي، غلام نبي ڪنڊراڻي، ابو ڪنڊراڻي ۽ ٻين ٺل-ڳڙهي حسن روڊ تي ٽائرن باهيون ڏيئي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته اسان جا گھر ڊھي پٽ ۽ فصل ٻڏي ويا، هاڻي رھڻ لاءِ ڪجھه ناھي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، کائڻ لا به ڪجهه ناهي. انتظاميا خيما ۽ راشن من پسندن کي ڏيئي رھيا آھن، ٻن ھفتن کان وٺي ڳوٺن مان برساتي پاڻي به نيڪال نه ٿي سگھيو. ھنن چيو ته ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪري خيما ۽ راشن ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button