جوهي: جوهي جي يوسي ڪمال خان ۾ ٻوڏ جو پاڻي وڌڻ ڪري ماڻھن جي مال متاع سميت لڏپلاڻ جاري آھي. ڪمال خان وٽان چار مينھون ڪاھي ڳوٺ پيربخش سولنگي ويندڙ 5 ڳوٺاڻا ٻوڏ جي پاڻي لڙھي ويا، جن مان سبحان سولنگي ۽ معشوق سولنگي سميت چار ڳوٺاڻن کي مقامي ماڻھن ٻيڙين ذريعي ريسڪيو ڪري بچائي ورتو، جڏھن ته هڪ ڄڻو امتياز علي ولد عبدالرحيم سولنگي پاڻي جي وهڪري ۾ لڙھي ويو، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڳولا باوجود نه ملي سگهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close