اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جي ها ڪورٽ ۾ پيشي،گم ماڻهو بازياب ڪرائڻ جي خاطري

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي گُم ٿيل ماڻهن جو معاملو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.
ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين بابت ڪيس جي شنوائي ٿي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پيش ٿيا.وزيراعظم شهباز شريف عدالت کي لاپتا شهرين جو معاملو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته عوام ۽ الله اڳيان جوابدا آهيان، پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪندس. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته ماڻهن جي تڪليف جو ازالو ڪري، حراستي مرڪزن مان ماڻهو بازياب ٿي رهيا آهن، پر ڪوبه ايڪشن نٿو کنيو وڃي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته چيف ايگزيڪيوٽو ائين چوي ته انٽيليجنس ايجنسيون سندس ماتحت نه آهن، ته اهو آئيني ڀڃڪڙي کي قبول ڪرڻ آهي. اهڙو اعتراف ڪندڙ چيف ايگزيڪيوٽو کي عهدو ڇڏي گهر وڃڻ گهرجي، ڪو چيف ايگزيڪيوٽو پنهنجي بيوسي جو بهانو نٿو ڪري سگهي. پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر جي دليلن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙو جواز ڏيڻ جو مطلب ته توهان چئي رهيا آهيو هتي رياست اندر رياست آهي. عدالت قانون جي وفاقي وزير کي چيو ته ڪو اهڙو فورم ٻڌايو، جيڪو گُم ٿيل شهرين جي وارثن لاءِ هر وقت دستياب هجي. وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيل شهرين وارو معاملو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. شنوائي دوران وزيراعظم سان مڪالمو ڪيو ته توهان هن ملڪ جا چونڊيل نمائندا ۽ چيف ايگزيڪٽو آهيو، عدالت توهان کي ان ڪري تڪليف ڏني ڇاڪاڻ ته هي تمام وڏو معاملو آهي. چيف جسٽس چيو ته هي ايشو ڪيئي مهينن کان هتي هلي رهيو آهي پر رياست جو اهو ردعمل ناهي جيڪو هئڻ گهرجي. هڪ چيف ايگزيڪٽو 9 سال حڪومت ڪئي ۽ پنهنجي ڪتاب ۾ فخر سان لکيو ته پنهنجا ماڻهو ٻاهرين ملڪ موڪليندو هو. ڪيئي ڀيرا اهو معاملو وفاقي حڪومت ڏانهن اُماڻيو ويو، وفاقي ڪابينا جو به اهو ردعمل نه آيو جيڪو اچڻ گهرجي ها. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هي عدالت آئين کي ڏسي ته چيف ايگزيڪٽو کي ئي ان معاملي کي ڏسڻو آهي. توهان ڏانهن هي معاملو موڪليو ويو، توهان ڪيمٽي جوڙي پر هي ڪميٽي جو معاملو ناهي. مسنگ پرسنز جا ڪٽنب ويٺا آهن، جيڪي تمام گهڻي تڪليفن مان گذري رهيا آهن. ڪيئي هفتن تائين مسنگ پرسنز جا وارث هتي احتجاج ۾ ويٺا رهيا، پر وٽن ڪير به لڙي نه آيو، جيڪي ماڻهو بازياب به ٿيا ته کين کنڀڻ وارن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي وئي. عدالت چيو ته اهو تاثر نه هئڻ گهرجي ته اسان جون ايجنسيون ماڻهن کي کنڀي رهيون آهن. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن عدالت جي سامهون ان کان وڏو ڪو به ايشو ناهي، بلوچ شاگردن جا جيڪي معاملا اچي رهيا آهن اهي وڌيڪ پريشان ڪندڙ آهن. اهو تاثر نه هئڻ گهرجي ته اسان جون ايجنسيون شهرين کي کنڀي رهيون آهن، اها آئين جي ڀڃڪڙي آهي، جبري گمشدگين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. چيف جسٽس وزيراعظم سان مڪالمو ڪندي وڌيڪ چيو ته هي عدالت اهو يقيني بڻائيندي ته سول بالادستي تي مڪمل عمل ٿئي، سٺو نٿو لڳي ته عدالت توهان کي سڏائي، يا ته ٻڌايو وڃي ته آئين بحال ناهي، هي سمورا ادارا سويلين جي ايگزيڪٽو ڪنٽرول ۾ آهن، هن عدالت جو توهان تي مڪمل اعتماد آهي. ان تي وزيراعطم روسٽرم تي اچي چيف جسٽس کي جواب ڏنو ته اها منهنجي ذميواري آهي، عدالت جي هدايت تي پيش ٿيو آهيان. اڄڪلهه ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪري رهيو آهيان،وزيراعظم چيو ته مان ڪنهن به بهاني پٺيان لڪڻ نٿو چاهيان، مون آمنه جنجوعه سان ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم عدالت کي ٻڌايو ته جيڪو ڪجهه منهنجي ذميوارين ۾ آهي، ان پٽاندڙ ڪوشش ڪندس. مان ملڪ جي عوام آڏو جوابدا آهيان، ننڍڙي ٻار جو سوال روز تڪليف ڏيندو آهي. ڪيمٽي ڇهه اجلاس ڪري چڪي آهي، لاڳاپيل اٿارٽيز حڪومتن سان ملڪي چڪيون آهن. مان ڪميٽي جي ڪارڪردگي ٻن هفتن بعد پاڻ ڏسندس، هڪ مهيني بعد رپورٽ جمع ڪرائيندس جيڪو رڳو فڪشن ناهي، حقيقتن تي ٻڌل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عدالت جڏهن سڏائيندي پيش ٿيندس، مان خاطري ڪريان ٿو ته گم ٿيل ماڻهن کي سندن وارثن سان ملائيندس، مان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن کي حل ڪرڻ ۾ ڪائي ڪسر نه ڇڏيندس. ان دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪميٽيون جوڙيون ويون، بيان ڏنا ويا پر اهو ڪافي ناهي. وقت جي چيف ايگزيڪٽو پاڻ مڃيو ته جبري گمشدگي ان وقت جي پاليسي هئي، ان وقت جي پاليسي هئي ته پوءِ ان آئين ٽوڙيو. شهرين کي گم ڪرڻ آئين ٽوڙڻ برابر آهي. وزيراعظم چيو ته جنهن ماڻهن کي گم ڪرڻ شروع ڪيو اهو آمر هو، آئون ۽ منهنجو ڀاءُ پڻ ان ڊڪٽيٽر جو نشانو بڻيا آهيون. چيف جسٽس چيو ته پارليامنٽ جو هن عدالت کي تمام گهڻو احترام آهي، سمورن صوبن جا چيف ايگزيڪٽو به ذميوار آهن. جيڪڏهن سندن علائقي مان ڪو شهري کنڀيو ٿو وڃي ته هي رياست لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي. صوبي يا مرڪز جتان ڪير گم ٿئي ته اتان جو چيف ايگزيڪٽو ذميوار آهي. سول ڪنٽرول، سول سپر ميسي تي عمل توهان جو ڪم آهي.چيف جسٽس چيو ته بلوچ شاگردن لاءِ هن عدالت اپريل ۾ ڪيمشن جوڙي، ڪميشن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو اجلاس ناهي سڏايو ويو. هن عدالت کي سٺو نٿو لڳي ته بنا سبب سمن ڪري، جنهن تي وزيراعظم چيو ته مان ڄاڻان ٿو ۽ مون کي اندازو آهي ته توهان بنا سبب ڪنهن ناهيو سڏائيندا. چيف جسٽس چيو ته هن فيصلي کان اڳ چيف ايگزيڪٽو کي اها خاطري ڪرائڻي پوندي ته ڪو به شهري گم نه ڪيو ويندو. ان دوران فرحت الله بابر جي دليلن تي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته چيف ايگزيڪيوٽو ائين چوي ته انٽيليجنس ايجنسيون سندس ماتحت نه آهن ته اهو آئيني ڀڃڪڙي کي قبول ڪرڻ آهي. اهڙو اعتراف ڪندڙ چيف ايگزيڪيوٽو کي عهدو ڇڏي گهر وڃڻ گهرجي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪو چيف ايگزيڪيوٽو پنهنجي بيوسي جو بهانو نٿو ڪري سگهي، اهڙو جواز ڏيڻ جو مطلب ته توهان چئي رهيا آهيو هتي رياست اندر رياست آهي. بعد ۾ عدالت قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ طرفان وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ ٻن مهينن جي استدعا منظور ڪندي مدثر نارو سميت ٻين گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي شنوائي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button