اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

زرعي بئنڪ طرفان آمدني جو 10 سيڪڙو ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد : زرعي ترقياتي بئنڪ پنهنجي هن سال آمدنيءَ جو 10 سيڪڙو حصو ٻوڏ متاثر ماڻهن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. زيڊ ٽي بي ايل طرفان گذريل ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز مطابق جون 2022ع ۾ زرعي بئنڪ 514 ملين جو منافعو ڪمايو جيڪو بئنڪ جي تاريخ ۾ هڪ مثال آهي. زرعي ترقياتي بئنڪ جي صدر محمد شهباز جميل ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل کي بئنڪ طرفان 5 ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته زيڊ ٽي بي ايل مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ حڪومت ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. 2020ع ۾ زرعي بئنڪ جو ٽيڪس کان اڳ منافعو 3 ارب رپين کان وڌيڪ ۽ ٽيڪس کان پوءِ اڍائي ارب رپين جو خسارو هو. جڏهن ته ڊسمبر 2021ع ۾ ٽيڪس کانپوءِ خسارو 1 ڏهائي 7 ارب رهيو ۽ ان مُدي ۾ ٽيڪس کان اڳ هڪ ڏهائي 8 ارب منافعو حاصل ڪيو ويو. جون 2022ع ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ ٽيڪس کانپوءِ 514 ملين رپيا ۽ ٽيڪس کان اڳ 2 ڏهائي 9 ارب رپيا منافعو ڪمايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button