اسلام آبادپاڪستان

هٿيار ڦٽا ڪندڙ 44 ايف سي اهلڪارن جي برطرفي خلاف اپيلون رد

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ هٿيار ڦٽا ڪندڙ 44 ايف سي اهلڪارن جي برطرفي خلاف اپيلون خارج ڪري ڇڏيون. ميڊيا رپورٽ مطابق چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته باچا پوليس اسٽيشن تي حملو ٿيو ته سڀني اهلڪارن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. تعليم کاتو يا ڪنهن ٻين ادارن جا ملازم هجن ها ته ڳالهه نه هئي. ايف سي ته هڪ ڊسپلنڊ ادارو آهي، ملازمن جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته اهلڪار وڙهڻ لاءِ تيار هئا، ايس ايڇ او کين هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته کين ڪا گولي لڳي ها ته مڃون ها ته اهلڪارن بهادري ڏيکاري، جيڪڏهن کاتو ئي انهن ملازمن کي نه رکي ته عدالت ڪيئن وچ ۾ پوي. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته کاتي ۾ ٻين ملازمن کي بحال ڪيو ويو آهي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ڪيترن ايف سي ملازمن هٿيار ڦٽا ڪيا هئا. وڪيل ٻڌايو ته 44 اهلڪارن هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته 44 ايف سي اهلڪار به گڏجي ٿاڻي جي حفاظت نه ڪري سگهيا. جسٽس قاضي فائز عيسي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن سر بچائڻو آهي ته ايف سي ۾ نه وڃو، ڪجهه ٻيو ڪم ڪريو. عدالت ايف سي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button