پاڪستان

مائنس ون فارمولا نه هلندو، آرمي چيف جي مقرري آئين موجب ٿيڻ گهرجي: شاهه محمود قريشي

تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي مائنس ون جو فارمولو رد ڪندي چيو آهي ته مائنس ون وارا فارمولا ماضي ۾ به نه هلي سگهيا ۽ هاڻي به نه هلندا، عمران خان سدائين دهشتگردي خلاف فوج جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي آهي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ننڍي چونڊ ملتوي ڪرڻ جو ڪو به جواز نه هو، ضمني اليڪشن ۾ پي ڊي ايم جي شڪست واضح طور نظر اچي رهي هئي، اليڪشن ڪميشن اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر مايوس ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف اسان کي فوج خلاف ويڙهائڻ چاهين ٿا اسان سندن چالاڪيون سمجهون ٿا، آرمي چيف جي مقرري آئين موجب ٿيڻ گهرجي، بلاول ڀٽو زرداري هن وقت پرڏيهي آفيس ۾ انٽرن شپ ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button