اڳڙا: اڳڙا ۾ راشن نه ملڻ خلاف ڳوٺ ملھار شيخ جي رهواسين نبي بخش شيخ، محمد سليمان شيخ، آصف علي شيخ، عزيز الله شيخ، نصير احمد شيخ، عبدالمجيد،روشن علي، ميھر علي، الطاف شيخ، ارشاد شيخ، بادل شيخ، ذالفقار شيخ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ ملھار شيخ ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻي ۾ چار سئو کان وڌيڪ گهر ٻڏي ويا آهن، جنهن کان پو بچا بند تي بي يارومددگار ويٺل آهيون، پر چونڊيل نمائندن سميت ڪير به سار لهڻ لا تيار ناهي. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته برسات متاثرن جي سار لهي راشن ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close