پاڪستان تحريڪ انصاف مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو فيصلو ڪندي عوامي رابطا مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لا سندرو ٻڌي ورتو آهي. عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياسي صورتحال ۽ پارٽي چيئرمين خلاف ڪيسن تي صلاح مشورو ڪيو ويو. اجلاس ۾ مهانگائي خلاف احتجاج جو فيصلو ڪندي عوامي رابطا مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ صوبائي صدرن کي مهانگائي خلاف احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته 13 پارٽيون هڪ جماعت کان ڊڄي ضمني چونڊن کان ڀڄي ويون آهن، عوامي حمايت اسان جي سڀ کان وڏي سگهه آهي، حڪومتي حربن جو ميدان ۾ مقابلو ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، منهنجي تحريڪ جو مقصد ملڪ ۾ موجود مافياز کي شڪست ڏيڻ آهي، امپورٽيڊ حڪومت ۽ هينڊلرز وائڙپ جو شڪار آهن ۽ هاڻي مايوس ٿي مائنس ون فارمولي ڏانهن وڌي رهيا آهن. ٻئي طرف ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته گوجرانوالا ۾ حقيقي آزادي جي تحريڪ جي پهرين مرحلي جو اڄ آخري جلسو هوندو، جنهن ۾ ايندڙ لائحه عمل ۽ ڏکئي مرحلي جو اعلان ڪندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close