پاڪستان

درآمد نامنظور، بلوچستان ۾ واپارين ايران مان گهرايل ٽماٽا روڊ تي اڇلائي ڇڏيا

بلوچستان جي واپارين پنهنجو مالي نقصان ٿيندي ڏسي ايران مان آيل ٽرڪون روڪي ٽماٽا روڊ تي اڇلائي ڇڏيا. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٽماٽا مهانگا ٿيڻ تي حڪومت جي اجازت سان ايران مان ٽماٽا درآمد ڪيا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ بلوچستان جي واپارين ايران کان پهچندڙ ٽرڪون روڪي ٽماٽن جا ڪريٽ روڊن تي اڇلائي ڇڏيا، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي. بلوچستان جي واپارين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ايراني ٽماٽا وڪرو ڪيا ويندا ته پوءِ اسان جا خريد ڪيل ٽماٽا ڪير وٺندو. مقامي شهرين جو چوڻ هو ته واپاري پنهنجا مهانگا ٽماٽا وڪڻڻ لاءِ ايران مان سستا گهرايل ٽماٽا اڇلائي رهيا آهن، مهانگا ٽماٽا وڪرو ڪندڙ لالچي واپاري پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ گهرن ٿا، هنن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button