خيرپور: خيرپور ڀرسان ڳوٺ سوڍو خان جاگيراڻي، ڳوٺ سهتو خان جاگيراڻي، ڳوٺ علي ڏنو، ڳوٺ غلام قادر، ڳوٺ ڳوٺ حضِور بخش جاگيراڻي، ڳوٺ سوڀو ڪٽوهر، ڳوٺ صحبت خان ڪٽوهر، ڳوٺ ڀنڀو خان، ڳوٺ غلام قاسم، ڳوٺ خادم حسين ڪٽوهر، ڳوٺ علي خان ڪٽوهر، ڳوٺ هادي بخش، ڳوٺ محمد حيات، ڳوٺ ثناءُ الله، ڳوٺ هدايت الله، ڳوٺ سهراب خان ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين مصري خان ڪٽوهر، سهراب خان جاگيراڻي، وڏيرو گل حسن ڪٽوهر، محمد نواز، امان الله، سليم احمد، ڪريم بخش، هاشم شاهاڻي، محبوب رند ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته علائقي جي بااثر ماڻهن رمضان ڊرينيج سم نالي کي هٿرادو کنڊ لڳائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب سم نالو ابتو وهي ٿو ۽ سم نالي جو پاڻي اسان جي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي، جنهن سبب اسان جا 5 سئو کان وڌيڪ گهر ٻڏي ويا آهن، اسان جي گهرن ۾ 5 کان 6 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، اسان کي برسات نه پر علائقي جي بااثرن ٻوڙيو آهي. ٻئي پاسي ڪوٽڏيجي تعلقي جي يوسي لياري جي ڳوٺ سرائي امام ڏنو خاصخيلي جي رهواسين خان محمد خاصخيلي، منظور علي، محمد مراد، جاويد ملاح، شاهه بخش، علي رضا، محمد ياسين ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته برسات سبب اسان جي ڳوٺ جا 90 سيڪڙو گهر ڪري ڊهي پٽ ٿي ويا آھن، اڃا تائين پاڻي نيڪال نه پيو ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته هنگامي بنيادن تي ڳوٺ ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون وڃن ۽ اسان جا گهر ٺھرائي ڏنا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close