اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته دهشتگردي جي متاثرن جي حقن جي تحفظ کي امن ۽ سلامتي جي فروغ لاءِ عالمي ڪوششن جو بنيادي حصو بڻائي. جمعي تي پرڏيهي آفيس مطابق هن دهشتگردي جي متاثرن جي گڏيل قومن جي پهرين عالمي ڪانگريس جي اعليٰ سطح جي سيگمنٽ دوران خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير عالمي برادري کان گهر ڪئي ته هو تڪرارن کان متاثر علائقن ۾ پيش ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ دوران متاثرن تي ٻڌل موقف کي هٿي ڏي. پرڏيهي وزير سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي متاثرن سان ٻڌي جو اظهار ڪندي ڀارت جي غيرقانوني ڄمون ۽ ڪشمير قبضي ۽ فلسطين جي مظلوم ماڻهن کي خاص خراج عقيدت پيش ڪيو. هن خاص طور تي پرڏيهي قبضي جي معاملي ۾ رياستي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ معاشي نقصان ٿيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ اسلامو فوبيا، نسلي سبب ۽ رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي به شامل آهي. پرڏيهي وزير نون ۽ اڀرندڙن خطرن کي نظر ۾ رکندي دهشتگردي جي گڏيل وصف تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته دهشتگردي جو خاتمو صرف ان جي بنيادي سببن کي حل ڪري ئي آڻي سگهجي ٿو. پرڏيهي وزير ڪنهن خاص مذهب، نسل، تهذيب يا ملڪ جي خلاف ڪنهن تعصب کان سواءِ هن عالمي مسئلي سان وڙهڻ لاءِ بين الاقوامي تعاون جاري رکڻ جي فوري ضرورت تي به زور ڀريو. گلوبل ڪانگريس هڪ ٻن ڏينهن واري اعليٰ سطحي تقريب آهي جنهن جو اهتمام گڏيل قومن جي دهشتگردي روڪٿام آفيس يو اِي او سٽي ڪري رهيو آهي. ڪانگريس جو مقصد دهشتگردي جي متاثرن جي حقن ۽ ضرورتن بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي ۽ ان مسئلي تي ڳالهين کي هٿي ڏيڻ آهي تقريب ۾ وضاحتي سطح تي ڪيترن ئي ملڪن به شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close