اسلام آبادپاڪستان

ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ ملڪ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحالي لا مدد ڪن:انتونيو گوتريس

اسلام آباد :گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت درپيش آهي. ان صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي. ڪالهه نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل پريس ٽاڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وڌيڪ چيو آهي ته عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ گهرجي. اڄ هي صورتحال پاڪستان لاءِ آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ايتري وڏي قدرتي آفت اڳ ناهي ڏٺي، موسمياتي تبديلين جي اثرن سان لکين پاڪستاني متاثر ٿيا آهن. ماڻهن جا گهر، روزگار، فصل تباهه ٿي ويا آهن، انهن سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان کي ان وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏا وسيلا گهربل هوندا. 30 ارب ڊالر جو ان ٻوڏ سان نقصان ٿيو آهي، هي ايڪي جي اظهار جو معاملو نه آهي پر انصاف جو معاملو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سان جيتري قدر پاڪستان متاثر ٿيو آهي. دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، پاڪستان پاران موسمياتي تبديلين کان بچاءُ لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن. عالمي برادري ان جي ساراهه ڪري ٿي، پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال مان نڪرڻ لاءِ وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، متاثرن جي ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ عالمي برادري ڀرپور سهڪار ڪري. هن وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان جي ڪري ماحولياتي تبديلي تي ڪي خاص ناڪاري اثر ناهن پيا. جڏهن ته هي ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. ضروري آهي ته عالمي برادري خاص ڪري ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ ملڪ ان ڳالهه کي تسليم ڪن ۽ هاڻي اهي نئين سر تعمير، متاثر ماڻهن جي بحالي ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي انتونيو گوتريس کي ٻوڏ سان نقصان ۽ امدادي ڪارروائين تي بريفنگ ڏني وئي. سيڪريٽري جنرل ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سان هر ممڪن تعاون ڪنداسين، پاڪستان جي دوري جو مقصد ٻوڏ متاثرن سان ٻڌي جو اظهار آهي. پاڪستان منهنجي دل جي گهڻو ويجهو آهي، ٻوڏ هڪ قدرتي آفت آهي جيڪا موسمي تبديلي جي ڪري اچي ٿي. متاثرن جي مدد لاءِ سمورا ادارا جيڪي مدد ڪري رهيا آهن اهي ساراهه جوڳا آهن. موسمي تبديلي سان پاڪستان متاثر ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهبازشريف ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ کان پوءِ متاثرن کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪرڻ پهرين ترجيحي آهي. وفاقي حڪومت، پاڪ فوج ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪري رهي آهي. ٻوڏ دوران عوام تڪيلفون سٺيون، سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان اچڻ تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان صورتحال جو نوٽيس وٺون. هن چيو ته اسان ريسڪيو ۽ رليف جي عمل ۾ لنگهي رهيا آهيون ۽ جلد اسان نئين سر تعمير ۽ بحالي جو عمل شروع ڪنداسين جنهن لاءِ وڏي رقم جي ضرورت آهي. پاڪستان پنهنجا وسيلا ڪتب آڻيندي بهترين ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ عالمي برادري طرفان ملندڙ امداد تي به ان جاٿورائتا آهيون. شهبازشريف گڏيل قومن جي تعاون تي سيڪريٽري جنرل جو شڪريو ادا ڪندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسان کي رليف ۽ ٻوڏ سان ٿيل تباهي جي مرمت لاءِ جيڪڏهن مناسب امداد نه ملي ته اسان مشڪل ۾ اچي وينداسين. اسان ان چئلينج جي ڪري شديد مشڪل ۾ آهيون ۽ اسان کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري جي ڀرپور مدد ۽ تعاون جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته انتونيو گوتريس خاطري ڪرائي ته هو پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۽ مصيبت جي هن گهڙي ۾ پاڪستان جي مدد ۽ تعاون لاءِ هر ممڪن ذريعا ڪتب آندا ويندا. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڳالهائيندي چيو ته عوام لاءِ ڪوئي اجنبي نه آهيان منهنجو گذريل 17 سالن کان پاڪستان سان پيار محبت جو رشتو آهي. جڏهن مان ان وقت مهاجرين جي هاءِ ڪمشنر جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو هو. هن چيو ته جڏهن مان 2005 ۾ زلزلي، 2010 ۾ ٻوڏ ۽ ان کان پوءِ دهشتگردي جي واقعن دوران پاڪستان آيس ته انهن سمورن واقعن دوران به لکين ماڻهو بي گهر ۽ لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا هئا تنهنڪري مون کي معلوم آهي ته پاڪستان جي عوام تي ماحولياتي تبديلي جي ڪري آيل هن وڏي ٻوڏ جا ڪيتري حد تائين تباهه ڪندڙ اثر ٿيا آهن. هن خاطري ڪرائي ته عالمي برادري کان امداد حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان لاءِ ان کان جيڪو به ٿي سگهيو اهو ڪندو ڇو ته هي گهڻو المناڪ سانحو آهي. هن چيو ته هڪ اندازي مطابق پاڪستان کي ٻوڏ سان 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button