سنڌ جي ٻوڏ متاثر ڪجهه علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي، موسميات کاتي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ جا ٻوڏ متاثر علائقا هڪ دفعو ٻيهر وسڪاري جي گهيري ۾ هوندا، 10 کان 14 سيپٽمبر تائين ٿرپارڪر، بدين، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ڪڪر وسڻ جا امڪان آهن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان وسڪاري جو سلسلو وقفي وقفي سان 4 کان 5 ڏينهن تائين جاري رهندو، جڏهن ته 13 کان 14 سيپٽمبر تائين بلوچستان جي علائقن لسٻيلي، قلات ۽ خضدار ۾ به زوردار برساتن جو امڪان آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close