پاڪستانسنڌ

دادو ۾ صفائي نه ٿي، گٽر اٿلي پيا، ڪامورا گم

دادو: دادو ۾ ميونسپل جا ڪامورا آفيس ڇڏي گم ٿي ويا آهن، شهر جا گٽر اٿلڻ سبب گندو پاڻي ميونسپل آفيس جي گيٽ ۽ مک روڊ رستن تي بيهجي ويو آهي. شهر جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، پوڻا ٽي ڪروڙ ماهوار بجيٽ تي سياسي ماڻهن سان ملي ڪامورا هٿ صاف ڪري ويا، پهرين تاريخ تي آيل بجيٽ مان پئسا ڪڍڻ بعد ايڊمنسٽريٽر نثار منگي آفيس جو منهن ئي نه ڏٺو. نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ميونسپل جي هڪ ملازم ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايڊمنسٽريٽر نثار منگي بنگلي تي ويهي اڪائونٽنٽ کي فون ڪري گهرايو، جتان چيڪن تي صحيح ڪرڻ بعد پئسا ڪڍرائي گم ٿي ويوم 50 کان وڌيڪ ملازمن جي پگهارن مان به هزارين رپيا ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته چيف ميونسپل آفيسر رستم بلوچ بيمار هجڻ سبب آفيس ۾ ئي ستو پيو آهي، ڇو جو ايڊمنسٽريٽر کيس حصو نه ڏنو آهي، سي ايم او بيمار هجڻ باوجود موڪل ڪري گهر نه ٿو وڃي، ڇو ته پهرين حصي جا پئسا وٺان، ڪامورن جي ڪرپشن ۽ شهر گندگي جي ور چڙهي وڃڻ تي سول سوسائيٽي پاران ڊي سي دادو سميت لوڪل گورنمينٽ کاتي جي عملدارن کي لکت ۾ پڻ شڪايتون ڪيون ويون آهن. سول سوسائٽي جي اڳواڻن گلشير سولنگي، اعجاز ملڪاڻي، ساجد مستوئي ۽ ٻين دانهيو ته ميونسپل انتظاميا مين گٽرن جي صفائي توڙي روڊن تي بيٺل گندو پاڻي نيڪال نه ڪرايو آهي. هنن گهر ڪئي ته مين گٽرن جي صفائي ڪري گندو ۽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button