سنڌ

خيرپور ۽ نوشهروفيروز جو پاڻي پمپ ڪري روهڙي ڪئنال ۾ ڪڍڻ جو فيصلو

ڪراچي (هينڊ آئوٽ) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته فلڊ پروٽيڪشن بند (ايف پي ڊيم) ۾ 4 گهارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تي آبپاشي کاتو ۽ پاڪستان آرمي گڏجي ڪم ڪندا. جڏهن ته خيرپور ۽ نوشهروفيروز جو پاڻي پمپ ڪري روهڙي ڪئنال ۾ ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ڪوٽڏيجي شھر ۾ به گھڻو پاڻي آهي، ان کي به پمپنگ جي ذريعي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سمورن کاتن کي پنهنجي پمپنگ مشينري کي موبلائيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  جڏهن ته وفاقي ادارن کان به ان ڏس ۾ مدد ورتي ويندي.  اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته آبپاشي کاتو ماهرن جي مشوري سان جھڏو شھر مان پراڻ ڍورو جي ذريعي پاڻي ڪڍڻ جو جائزو وٺندو ۽ ان تي حتمي فيصلو ايندڙ ٻن ڏينهن تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اسپيشل ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي فيصلن بابت ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪالهھ به اجلاس ٿيو هو. اڄ ٽاسڪ فورس جي ٻئي اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا. هن چيو ته سمورا فيصلا آبپاشي ماهرن جي مشاورت سان ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته آبپاشي کاتو ۽ ضلعي انتظاميا پاڻي نيڪال آپريشن کي ليڊ ڪندا. نوشهرو فيروز ۽ پڊعيدن ريلوي ٽريڪ کي بحال ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته منڇر ۾ اڙل هيڊ ۽ ٽيل مان پاڻي تيزي سان سنڌو درياهه ۾ وڃي رهيو آهي. منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح هن وقت 120 ڏهائي 2 آر ايل آهي، جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ 123 ڏهائي 3 هئي. هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سمنڊ ۾ هائي ٽائيڊ سبب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾  پاڻي جي وهڪري ۾ وقت لڳي رهيو آهي. جڏهن ته ٽن پمپنگ اسٽيشنن تي بجلي جي فراهمي مناسب نه هجڻ سبب پاڻي جي پمپنگ ۾ رنڊڪ اچي رهي آهي. ان حوالي سان اڄوڪي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته گھاڙ پمپنگ، خيرپور ناٿن شاهه پمپنگ اسٽيشن ۽ ميهڙ پمپنگ اسٽيشن جي بحالي لاءِ سيپڪو سان رابطو ڪيو ويندو، جنهن بعد انهن شهرن مان پاڻي جي نيڪال ممڪن ٿي سگهندو. صوبائي اطلاعات واري وزير چيو ته سيوهڻ شهر کي بچائڻ لاءِ منڇر ڍنڍ کي آر ڊي 14 تي ڪٽ لڳايو ويو هو. ان کان پوءِ آر ڊي 52 تي هڪ ٻيو ڪٽ پڻ لڳايو ويو، جنهن ڪري يونين ڪائونسل بوبڪ، آراضي، چنا ۽ جعفرآباد جا ڳوٺ ٻڏي ويا. هن چيو ته ايم اين وي ڊرين ۾ آر ڊي 6 تي گھارو پئجي ويو. جڏهن ته ايم اين وي ڊيم ۾ گھاري پوڻ سبب انڊس لنڪ ڪينال تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو، جنهن سبب 7 سيپٽمبر تي انڊس لنڪ جي آر ڊي 5 تي پاڻي اوور فلو ٿيو. هاڻي اتي مشينري جي مدد سان بند جي ليول کي بلند ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ايل ايس بند تي ڪالهه دانستر هيڊ ويجهو ڪٽ لڳايو ويو، جنهن سبب منڇر ڍنڍ جو پاڻي تيزيءَ سان سنڌو درياهه ۾ وڃي رهيو آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڇڏڻ جي رفتار وڌائڻ لاءِ لاڙڪاڻو- سيوهڻ بند ۾ هڪ ٻيو ڪٽ لڳايو ويو آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ گڊو بئراج معمول واري پوزيشن تي آهي، جنهن تي پاڻي جي آمد 193300 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته اخراج 185800 ڪيوسڪ آهي. سکر بئراج وٽ هيٺين سطح جي ٻوڏ آهي، جتي پاڻي جي آمد 273400 ڪيوسڪ ۽ اخراج 273400 ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ اونچي سطح جي ٻوڏ آهي، جتي پاڻي جي آمد 604087 ڪيوسڪ ۽ اخراج 583882 ڪيوسڪ آهي. هن چيو ته متاثرن جي امداد جاري آهي، پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي هن وقت تائين 185843 راشن بيگز ورهائي چڪا آهن. 173349 ترپال ۽ 1342239 مڇر دانيون ورهايون ويون آهن. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب هن وقت تائين 616 معصوم جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ 11563 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن وقت تائين 48184 ڍور مري چڪا آهن، جڏهن ته 6866501 ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. 1611328 گهر متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته 597535 ماڻهن کي امدادي ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. جتي کين ٻه وقت جي تيار کاڌو ۽ طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. جڏهن ته ڪيترائي متاثرن جن وٽ پنهنجا ڍور آهن، اهي امدادي ڪيمپن ڏانهن اچڻ لاءِ تيار ناھن . انهن کي به کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ميڊيڪل ٽيمون هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه پاڪ فوج ۽ نيوي جا ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهي. صوبائي وزير چيو ته جتي رستا ڪٽجي ويا آهن. اتي پاڪ فوج ۽ نيوي جون ٽيمون ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺي رهيون آهن. هن چيو ته ريسڪيو ۽ رليف آپريشن کانپوءِ پاڻي نيڪال ٿيڻ بعد متاثرن جي بحالي جو مرحلو شروع ڪيو ويندو. تازن برساتن ۽ ٻوڏ سبب عوام جا قيمتي جانور پڻ متاثر ٿيا آهن. سنڌ حڪومت جانورن کي چارو فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. جڏهن ته 15 لک جانورن کي مختلف بيمارين کان بچائڻ لاءِ ويڪسينيشن ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پرعزم آهي ته جيستائين سمورن متاثرن جي بحالي وارو مرحلو مڪمل نه ٿيندو، ان وقت تائين سک سان نه ويهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ جڏهن به ڪو بحران آيو ته پوري قوم پنهنجي مسئلن کي هڪ طرف رکي معصوم ماڻهن جي مدد ڪئي آھي،  موجوده قدرتي آفت ۾ به پوري قوم هڪ آهي پر ھڪڙو شخص آھي جنهن کي پنھنجي اقتدار جو فڪر آھي. ملڪ ۾ هڪ وڏو انساني الميو آهي. يو اين جنرل سيڪريٽري صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان پهچي ويو آهي پر عمران خان پريشان آهي ته فرح گوگي کي ڪيئن بچائڻو آهي. ھي بزدل شخص آهي، جيڪو صرف مان مان ڪندو رهي ٿو، عمران خان ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي. عمران خان واحد شخص آهي، جنهن سان لاڏلي وارو سلوڪ ٿي رهيو A آهي، ڪنهن ٻئي کي معافي گهرڻ جي مهلت نه ڏني وئي. هن شخص کي هڪ ڀيرو نه ٻه ڀيرا نه پر ٽي ٽي ڀيرا معافي گهرڻ جي مهلت ڏني پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button