سامارو: بودر فارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ چوڌري اسلم جي رھواسڻ 19 سالن جي ڇوڪري مڪان ڌي دودو ڀيل جو گھرن کان 4/5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ رمضان پلي لڳ ٻٻر جي وڻ ۾ رئي سان ڦاھو ڏنل لاش مليو، رهواسين جي اطلاع تي بودر فارم پوليس ۽ وارث پهچي ويا، جن لاش وڻ مان لاهي عمرڪوٽ اسپتال آندو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد پوليس وارثن حوالي ڪيو، جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ چوڌري اسلم ۾ گھر پھتا ته ڪھرام مچي ويو، ڇوڪري جي والد دودو عرف جوڌو ڀيل پوليس ۽ صحافين آڏو دانھيندي الزام ھڻندي چيو ته چيتن ڀيل ۽ سندس ساٿي منھنجي گھر ۾ گھڙي منھنجي 19 سالن جي ڌي مڪان کي زوري زبردستي کنڀي کڻي ويا، جن ڌي کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي چني سان وڻ ۾ ڦاھي تي ٽنگيو، مون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close