ڀان سيدآباد ويجهو دل شاخ کي 50 فوٽ گهارو لڳي ويو، پاڻي جو وهڪرو تيزي سان ڀان سيدآباد گرڊ اسٽيشن سان ٽڪرائجي ويو. ڀان، ڇني ۽ آباد روڊ پاڻي هيٺ اچي ويو. ڀان سيدآباد ويجهو دل شاخ کي 50 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن ڪري پاڻي جو وهڪرو تيزي سان ڀان سيد آباد جي گرڊ اسٽيشن سان ٽڪرائجي ويو، گهاري سبب ڀان، ڇني ۽ آباد روڊ پاڻي هيٺ اچي ويو. گهاري بعد ڀان سيدآباد جي صحافين توڙي شهرين ڀان با پاس روڊ تي رنگ بند کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو ڪم جاري رکيو. شهرين جو چوڻ آهي ته ڀان سيدآباد کي خطري وارو الرٽ جاري ڪري ڊي سي سميت ٻيا عملدار توڙي ايم اين اي سڪندر راهپوٽو غائب ٿي ويا. افسوس آهي ته وڏي وزير جو شهر ڀان سيدآباد ننڌڻڪو ٿي ويو آهي. ٻوڏ واري صورتحال باوجود ڪير سار نه پيو لهي. هنن چيو ته هر صورت ۾ ڀان سيدآباد شهر کي بچائينداسين. ڏينهن رات محنت ڪنداسين. هنن چيو تہ دل شاخ ۽ انڊس لنڪ ڪئنال (آر بي او ڊي) جو پاڻي تيزي سان ڀان شهر طرف وڌي پيو. انتظاميا جو شهر کي هٿ سان ٻوڙائڻ جو پلان آهي، ان لا ضلعي انتظاميا غائب آهي. هوڏانهن آر بي او ڊي سم نالي کي ڳوٺ رحمت الله سيهڙو وٽان لڳل گهاري سبب يوسي شيخ جي ڳوٺ عثمان سولنگي، ڳوٺ لڙهہ ماڇي، ڳوٺ حسين لغاري، ڳوٺ مٺو لغاري سميت 10 ڳوٺن کي ٻوڙي جوهي ڀان روڊ کي اوور ٽاپ ڪري شهر جي با پاس روڊ تي لڳو آهي. چوطرف پاڻي ئي پاڻي هجڻ سبب شهرين ۾ خوف جي لهر ڇانيل آهي. شهرين 80 سيڪڙو پنهنجا گهر خالي ڪري ڇڏيا. جڏهن ته دوڪاندار پنهنجا دوڪان خالي ڪري ويا. شهر ۾ کاڌ خوراڪ جو سامان ختم ٿي ويو، جنهن ڪري شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close