لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم اندر ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل رليف ڪئمپ ۾ رهائش پذير هڪ ڳورهاري عورت کي علاج جون سهولتون نه ملڻ تي سندس وارثن ڊليوري لاءِ کيس موٽرسائيڪل تي ڏکي حالت ۾ کڻائي شيخ زيد وومين اسپتال آندو، جتي ڳورهاري عورت کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ عورت جي وارثن دانهيندي چيو ته اسان جا گهر، مال ۽ ٻيو قيمتي سامان تباهه ٿي ويو آهي، بس پنهنجا سر بچائي رليف ڪئمپ تي پهتا آهيون، پر افسوس جو سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا اسان کي نه کاڌ خوراڪ ڏني آهي ۽ نه ئي وري ڪي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون آهن، بار بار دانهڻ باوجود اسان جي هڪ نه ٿي ٻڌي وڃي. هنن حڪومت ۽ انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل اسٽيڊيم ۾ قائم ڪيل رليف ڪئمپ متاثرن کي کاڌ خوراڪ، صاف پاڻي سميت علاج جون سهولتون مهيا ڪري انصاف ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close