لاڙڪاڻي ۾ پنجين سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ صادق بروهي شهر جي شهيد بينظير ڀٽو ميونسپل اسٽيڊيم ۾ قائم ٽينٽ جو دورو ڪيو. جتي هن ٻوڏ ۽ برسات سبب بي گهر ٿيل مرد ۽ عورت متاثرن کان ملندڙ کاڌي، طبي ۽ ٻين سهولتن بابت ڄاڻ ورتي. جتي عورتن سهولتون نه ملڻ جون دانهون ڪيون. ان موقعي تي سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ صادق بروهي کي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو پاران ٽينٽ سٽي ۾ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close