سنڌ

لاڙڪاڻي اسڪول ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ گرلس ماڊل اسڪول ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر مردن ۽ عورتن پنهنجي ٻارن سان گڏجي واهر نه ٿيڻ خلاف جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي قمبر، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو، غيبي ديرو، وارهه سميت مختلف علائقن جي رهواسين جبار شابراڻي، غلام نبي، گلشن، منظور، ڪرم لهر سميت ٻين دانهيو ته اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، چوپايو مال لڙهي ويو ۽ سمورا فصل تباهه ٿي ويا آهن، جنهن ڪري اسان پنهنجون جانيون بچائي شهر جي گورنمينٽ گرلس ماڊل اسڪول ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي روزانو جي بنياد تي ٻه ويلا پاروٿو ڀت کارائي اسان جي جانين سان کيڏيو پيو وڃي. هنن چيو ته انتظاميا هن وقت تائين اسان جي ٻارڙن کي کير ناهي ڏنو ۽ نه ئي راشن توڙي ٻيو سامان ڏنو پيو وڃي. روزانو ڀت کائڻ ڪري عورتون، ٻار ۽ پيرسن بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. اهڙيون شڪايتون انتظاميا جي آفيسرن کي ڪيون پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. هنن بلاول ڀٽو، وڏي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته واهر ڪري کاڌ خوراڪ ڏئي زندگيون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button