سنڌ

سجاول جوڻيجو ۾ شاخن کي لڳل گهارا بند نه ٿيا، وڌيڪ 10 ڳوٺ ٻڏي ويا

سجاول جوڻيجو تعلقي اندر سم نالن ذريعي جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن کان ايندڙ ٻوڏ جي پاڻي تباھي مچائي ڇڏي، حيدر چانڊيو مين ڊرين ذريعي پاڻي جا وھڪرا تيزي سان جاري آهن. تعلقي اندر سم شاخن کي لڳل گھارا 20 ڏينهن گذرڻ باوجود به بند نه ٿي سگهيا. وڌيڪ 10 ڳوٺ گل محمد ڪولاچي گل ڪلھوڙو علي نواز ڀٽي سانگي جلباڻي سلطان ڀنگر غوث بخش عمراڻي سالار ٻرڙو مير حسن کوسو چڪ چانڊيو ۽ ٽنڊو شھزاد مڪمل پاڻي جي لپيٽ اچي ويا آھن. وڌيڪ ڳوٺ ۽ شھر ٻڏڻ جو خطرو برقرار آهي ڳوٺاڻن دانھون ڪرڻ باوجود تڪ جا چونڊيل نمائندا پڻ گم آهن ڳوٺاڻا پنهنجون جانيون بچائي ٻاھر نڪتا سندن جا فصل ٻڏي تباھ ٿي ويا گهر ڊھي پٽ ٿي ويا متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن سندن جي تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا ڪنهن به قسم جي ڪا سار نه لڌي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button