سنڌ

ميرو خان ۾ وظيفي واري رقم مان ڪٽوٽي خلاف مستحقن جو احتجاج

ميرو خان شهر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت برسات متاثر عورتن کي 25 هزار روپيا وظيفي واري رقم ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل سينٽر متاثر عورتن کي لاڀ نه ڏئي سگهيو، سينٽر تي وظيفي لاءِ ايندڙ عورتن ڊوائيس هولڊر، ايجنٽن سميت انتظاميا پاران ڪيل اڻپورن انتظامن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مستحق شهزادي خاتون، امام زادي، نصيبان، ڪلثوم ۽ ٻين دانهيندي چيو ته روز سوين روپيا ڪرايو ڀري اچون ٿا پر گهڻي رش سبب پئسا وٺڻ بنا واپس وڃون ٿا. هنن چيو ته شناختي ڪارڊن ۾ پئسا هجڻ باوجود اهو چئي موٽايو وڃي ٿو ته توهان جا پئسا ناهن آيا پر جي پئسا هجن به ٿا ته ڊوائيس هولڊر ۽ ايجنٽن پاران پئسن بدران ٽوڪن ڏنو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ هڪ هزار کان 2 هزار ناجائز ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي جيڪا ناانصافي آهي. سينٽر تي پيئڻ جي پاڻي توڙي ويهڻ جي سهوليت ناهي، جنهن ڪري تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. مستحق عورتن مطالبو ڪيو ته ڪٽوتي مڪمل بند ڪرائي سينٽر تي پيئڻ جي پاڻي ۽ ويهڻ جي سهولت ڏيئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button