بلوچستان مان آيل ٻوڏ جي پاڻي جو ايف پي بچا بند تي دٻا گهٽجي ويو. جڏهن ته ايف پي بچا بند کي مختلف ھنڌن چوکي پل ۽ ميرپورٻرڙو وٽان لڳل گھارا ھن مھل تائين بند نه ٿي سگھيا. آبپاشي جا عملدار پنهنجي ذميواري کان لاتعلق بڻيل آهن، ايف پي بچا بند کي لڳل گھاري سبب قبوسعيدخان، ڪچي پل شھر ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺ ھن وقت تائين پاڻي جي لپيت ۾ آيل آهن. ٻوڏ جي پاڻي جي لپيٽ ۾ آيل ڳوٺن ۾ ڳوٺ پانڌي خان کوسو، ڳوٺ مير ھيبت خان مگسي، ڳوٺ شاهه بخش کوسو، ڳوٺ لونگ خان کوسو، ڳوٺ رئيس اعتبار خان مگسي، ڳوٺ حاجي محمد ملوڪ مگسي, ۽ قبو سٽي جي ڪمبوهه محلي، کوسا محلي، شيخ محلي، سنجر خان جمالي محلي، ڪملاڻي محلي جي ٻوڏ متاثر حضوربخش ڪمبوهه، مير مٺل کوسو، ماسٽر محمد نواز بروهي، امداد کوسو، رشيد کوسو، صابر مگسي، نوريز خان کوسو، خادم جمالي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته بلوچستان جي جابلو پٽين مان ايندڙ پاڻي جو زور ته ايف پي بچا بند تان گھٽجي ويو پر ان باوجود ايف پي بچا بند کي لڳل گھارا بند نه ٿي سگھيا آهن، جنهن سبب اسان جا ڳوٺ ۽ قبوسعيد خان شهر پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن. ھنن ايم پي اي مير نادر خان مگسي ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ ۽ آبپاشي عملدارن سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته ايف پي بچا بند کي لڳل گھارا بند ڪيا وڃن ته جيئن اسان جي ڳوٺن مان پاڻي جو نيڪال ٿي سگھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close