پاڪستانسنڌ

جهنڊو مري جي برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

عثمان شاھه ھڙي: جهنڊو مري جي يوسي ڊاسوڙي جي برسات کان متاثر قديمي ڳوٺ هاشم بالادي جي نيڪ مرد ممتاز بالادي جي اڳواڻي ۾ برسات متاثرن ضلعي انتظاميا خلاف مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته برساتن سبب سندن ڳوٺ پاڻي ۾ مڪمل ٻڏي ويو آهي، اسان جا گهر ڊهي پيا آهن، ڳوٺ مان اڃا تائين برساتي پاڻي ناهي ڪڍيو ويو، جنهن سبب بچيل گهر زبون ٿي ويا آهن. هنن چيو ته اسان کي اڃا تائين راشن، خيما، پيئڻ جو پاڻي ۽ ٻيو سامان ناهي مليو، جنهن سبب عذاب ۾ آهيون، برساتي پاڻي سبب مڇرن جو آزار ٿي پيو آهي ۽ مرد، عورتون ۽ ٻار بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، چوپايو مال مري رهيو آهي، برساتن سبب لونگ بالادي، شهداد بلوچ، عيسى بلوچ، ميون وهيون ۽ ٻيا ڳوٺ اڃا تائين ٻڏل آهن، پر ڪير به مدد ڪرڻ لا تيار ناهي. هنن چونڊيل نمائيندن کان مطالبو ڪيو ته امداد ڏئي ڳوٺن مان پاڻي ڪڍي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button