پاڪستانسنڌ

وڄوٽو پوليس چوري شڪ ۾ گرفتار نوجوان کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو

نئون ڪوٽ: وڄوٽو پوليس مبينا سولر پليٽ چوري جي شڪ ۾ گرفتار نوجوان 32 سالن جي منظور ڪورائي کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس طرفان ڏوهھ لڪائڻ لا خودڪشي جو ڊرامو ڪري لاش سول اسپتال مٺي پھچايو، جتي ڊاڪٽرن همراهه جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ته اهلڪار اسپتال مان فرار ٿي ويا. اطلاع تي وارث، ڪورائي برادري جا سوين ماڻھو، سول سوسائٽي جا نمائندا پهچي ويا، سوين ماڻھن عورتن ۽ ٻارن سميت ڏنڊا کڻي وڄوٽو چيڪ پوسٽ، 22 ميل موري ۽ گرڊ اسٽيشن نئون ڪوٽ وٽ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ۾ يوسي ڀٽارو جو چيئرمين ھارون چانڊيو ۽ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي به شامل ٿي ويا. هوڏانهن ايس ايس پي ٿرپارڪر درگاھه راضي شاھه پھچي سجاده نشين ايڊووڪيٽ سجاد شاھه معرفت متاثر ڌر جي ماڻھن کي درگاھه تي گھرايو، پر وارثن درگاهه تي ڳالھيون ڪرڻ کان انڪار ڪندي سجاده نشين کي موٽائي ڇڏيو. نوجوان منظور ڪورائي جو لاش سول اسپتال مٺي ۾ پيل رهيو. وارثن رسول بخش ڪورائي، پرويز ڪورائي، زمان ڪورائي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس بنا ڪنھن ڏوهھ تي اسان جي نوجوان کي گرفتار ڪري بااثر جي بڇ تي قتل ڪيو آهي، اسان جي نوجوان خودڪشي ناھي ڪئي، وڄوٽو پوليس جي ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تائين لاش نه کڻنداسين. ڌرڻي دوران درگاهه راضي شاھه جي سجاده نشين سجاد علي شاهه ۽ سول سوسائٽي اڳواڻ منصور چانڊيو ۽ ھارون چانڊيو سان ڏند چڪ ٿي. متاثرن سان يڪجھتي ڪندڙن چيو ته ايس ايس پي ڌرڻي واري ھنڌ اچي ڳالهيون ڪري، ڪنهن جي اوطاق تي ھلي ڳالهيون نه ڪنداسين. ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ جيڪڏهن پوليس نوجوان کي قتل آهي ته جاچ ڪرائي ويندي، منهنجو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر سان به رابطو ٿيو آهي، منهنجون ھمدرديون متاثر ڌر سان آھن، متاثرن سان انصاف ٿيڻ تائين آئون ساڻن گڏ آھيان، ايس ايس پي سان به رابطو ڪيو آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي پوليس جي گاڏي بدران سجاده نشين جي گاڏي ۾ رڪاوٽن باوجود کسڪي ويو. جڏهن تـ وڄوٽو ٿاڻي جا اھلڪار ۽ ايس ايڇ او پڻ ٿاڻي ڇڏي فرار ٿي ويا. معلوم ٿيو آهي ته وڄوٽو پوليس جي مبينا تشدد ۾ قتل ٿيل نوجوان منظور علي ڪورائي ٻن معصوم ٻارن جو پي ھو ۽ ڪوچ تي ڪلينر ھو، جنهن مٿان ڪوبه ڪيس داخل ناهي. 5 مھينا اڳ مٺي پوليس پڻ مبينا چوري جي الزام ۾ ڀاگچند ميگھواڙ کي قتل ڪيو ھو. ٻئي پاسي نوجوان جي قتل خلاف جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن حنيف مرڙاڻي، سلطان دل، ڀڳوان داس مھراج، جاني مرڙاڻي ۽ سرمد سلطان دل جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button