ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ينگ ڊاڪٽرز پاران سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر جاويد ميمڻ تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڪم ڇڏ ھڙتال ڪندي سول اسپتال جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عبالجبار جمالي، ڊاڪٽر آفتاب لغاري، شھباز ڊي بلوچ، ڊاڪٽر روھت ڪمار، عمر ميمڻ، مصطفى ملاح ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسين ھر ڏکئي وقت ۾ مسيحائي وارو ڪردار ادا ڪندا رهندا آهيون.
ڪجهه ڏينھن اڳ ھڪ مريض عالم ڪولھي اسپتال ۾ علاج لاءِ آيو ۽ پاڻ خودڪشي ڪئي اھڙي عمل تي پوليس وارثن جي چوڻ تي ھڪ ھٿ ٺوڪي منصوبي تحت سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر جاويد ميمڻ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، جيڪو سراسر غلط عمل آھي، جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري سرڪاري اسپتال جي ايم ايس تان ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي.