ٽنڊوباگو: ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي ملازمن پاران پگهارن مان ڪيل ڪٽوتي ۽ ٽائون ڪميٽي جي انتظاميا 60 ملازمن جون پگهارون بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سخت گرمي سبب 2 ملازم بيهوش، خبر موجب ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي ملازمن پاران سندن پگهارن مان هر مهيني ٿيندڙ ڪٽوتي خلاف ٽائون ڪميٽي جي آفيس کان باگو واهه پل واري چوڪ تائين ايمپلائز يونين جي اڳواڻن سخاوت بلوچ، حبيب پنهور ۽ سليم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي پنگريو-حيدرآباد روڊ ۽ ٽنڊوباگو-بدين روڊ بند ڪيو ويو. هڪ ڪلاڪ کانپوءِ سخت گرمي سبب ملازمن ڌرڻو ختم ڪري ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جتي 2 ملازم سليم ميمڻ ۽ ڪاتيار بيهوش ٿي ڪري پيا جن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو روانو ڪيو ويو.
ان موقعي تي حبيب پنهور ۽ سخاوت بلوچ ٻڌايو ته ٽائون ڪميٽي جي انتظاميا گذريل 9 مهينن کان وٺي هر مهيني تي ملازمن جي پگهارن مان 5 هزار کان 25 هزار روپيا ڪٽوتي ڪري غريب ملازمن جو مالي ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. هنن ٻڌايو ته ٽائون انتظاميا هن مهيني ۾ 60 غريب ملازمن جون پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن. جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن ٻڌايو ته ٽائون انتظاميا غريب ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري پنهنجا پيٽ ڀري رهي آهي. ان موقعي تي ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي ٽي ايم او خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي.