اسلام آبادپاڪستان

عمران خان کي التوا گهرڻ تي 5 هزار رُپيا ڏنڊ،پوليس وٽ پيشي جو ٻيو نوٽيس

اسلام آباد :ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت عمران خان کي شنوائي ۾ التوا گهرڻ تي 5 هزار رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف خلاف 10 رُپين جي ڏنڊ واري ڪيس جي شنوائي ٿي. عمران خان جي وڪيل شنوائي ۾ التوا گهرڻ جي درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته عمران خان ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ علائقن جي دوري ۾ مصروف آهي، اڄوڪي شنوائي ملتوي ڪرڻ جي استدعا منظور ڪئي وڃي. جنهن تي خواجا آصف جي وڪيل عمران خان جي وڪيل طرفان التوا گهرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته مان جرح لاءِ لاهور کان آيو آهيان ۽ عمران خان جلسن ۾ رڌل آهي. ايڊيشنل سيشن جج عدنان خان شنوائي ۾ التوا گهرڻ تي عمران خان تي پنج هزار ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪيس جي شنوائي 24 هين سپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڏانهن اسلام آباد پوليس جي آءِ اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ هڪ ٻيو نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. پوليس طرفان موڪليل نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان شام پنجين وڳي مارگالا ٿاڻي ۾ جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿئي، گذريل ڏينهن به نوٽيس اُماڻيو ويو هو پر توهان پيش نه ٿيئو. نوٽيس موجب توهان 12 سپٽمبر تائين ضمانت تي آهيون تنهنڪري اڄ پيش ٿي جاچ ٽيم کي سوالن جا جواب ڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button