وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جا ٿورا مڃيندي کيس يقين ڏياريو آهي ته امدادي رقم جي پائي پائي متاثرن تائين پهچائي ويندي. ڪوئيٽا ۽ اوستا محمد ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته بلوچستان ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ، ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ متاثر ماڻهن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، وفاقي حڪومت رليف جي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪري رهي آهي تنهن هوندي به ايتري وڏي چئلينج جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسان جيڪا به مدد حاصل ڪنداسين ان بابت گڏيل قومن جي ذريعي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اسان پائي پائي شفاف نموني ٻوڏ متاثرن تي لڳائينداسين، پاڪستان جهڙي صورتحال سڀاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ به پيش اچي سگهي ٿي، تنهنڪري اسان کي هينئر کان ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close