اسلام آبادپاڪستان

فرح گوگي کي ڪلين چٽ ڪنهن جي چوڻ تي ڏياري وئي:عطا تارڙ

اسلام آباد: وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي داد رسي لاءِ متاثر علائقن جو دورو ڪري رهيو آهي. عمران خان ۽ ان جي پارٽي کي ٻوڏ متاثرن جو ڪو به فڪر ناهي ۽ نه ئي پنجاب صوبي ۾ ڪي سنجيده ڪوششون ورتيون ويون. پرويز الاهي نااهلي ۾ عثمان بزدار کي پوئتي ڇڏي ويو، هي وقت سياست جو ناهي پر ان جي باوجود هڪ پارٽي اختيارن کي سياست ۽ رياست مخالف بيانئي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. قوم سوال ڪري رهي آهي ته صرف ٻن مهينن ۾ فرح گوگي کي ڪلين چٽ ڪنهن جي چوڻ تي ڏياري وئي. ڇا هو عمران خان جي بي ناميدار آهي، موجوده صورتحال ۾ سياسي جلسا بند هئڻ گهرجن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته صوبائي حڪومت جي اختيارن کي استعمال ڪندي رياست مخالف بيانئي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي. عمران خان کي نه ماضيءَ ۾ عوام جو فڪر هو، نه ئي ٻوڏ متاثرن جو ڪو درد آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سامان کڻي وڃڻ تي اتفاق ٿيو ته اتي صوبائي حڪومت جو ڪو نالو نشان ئي ناهي، ان کان بهتر ته شايد عثمان بزدار ئي پرفارمنس ڏئي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button