سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جا انگ اکر جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته هن وقت تائين 616 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته بي گھر ٿيل ماڻهن جو انگ 68 لکن کان به وڌيڪ آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ٻوڏ جي صورتحال تي اسپيشل ٽاسڪ فورس اهم فيصلا ڪيا آهن، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي کي پمپنگ ذريعي روهڙي ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو، جڏهن ته نوشهري فيروز ۽ پڊعيدن ويجهو ريلوي ٽريڪ کي بحال ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته حڪومتي رليف ڪئمپن ۾ 5 لک کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر موجود آهن، جڏهن ته صوبي ۾ لائيو اسٽاڪ جو ٿيل نقصان 48 هزار کان وڌيڪ آهي، برسات ۽ ٻوڏ سبب 44 لک کان وڌيڪ ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close