سنڌ

دادو کي خطرو،شرپسندن رنگ بند ٽوڙي ڇڏيو،50 ڳوٺ پاڻي هيٺ

دادو شهر خطري ۾ پئجي ويو، شرپسندن شهر کي بچائڻ لا ڏنل رنگ بند کي 100 فوٽ جو گهارو هڻي ڇڏيو، 50 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، سوين گهر ڪري پيا، هزارين خاندان لڏ پلاڻ ڪري ويا. پوليس ۽ شرپسندن ۾ چڪرين سبب 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا. منڇر جي ٻوڏ جو پاڻي ڀان سيدآباد جي رنگ بند سان ٽڪرائجي ويو، خيما بستي ٻڏي وئي، گرڊ اسٽيشن به پاڻيءَ هيٺ، شهر جي بجلي معطل، ٻوڏ جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ڪرمپور ڀرسان ٽيون ڪٽ لڳايو ويو. خبر موجب ڀان سيد آباد ڀرسان سم نالي کي لڳل گهارو دادو تعلقي جي پير شاخ سان ٽڪرائجڻ بعد شرپسند ماڻهن پير شاخ جي موري کولي ڇڏي، جنهن سبب دادو شهر کي بچائڻ لا ڏنل رنگ بند کي 100 فوٽ گهارو پئجي ويو. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچڻ تي شر پسندن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿي پيون. ڏنڊا لڳڻ سبب 3 اهلڪار ايڇ سي منير احمد ڪابورو، ايڇ سي ديدار علي ۽ پي سي عبدالحفيظ زخمي ٿي پيا. اطلاع تي ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون پوليس جي وڏو نفري ساڻ ڪري پهتو ته شرپسند فرار ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button