ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ شهرين ۾ راشن ۽ ٽينٽ ورهائڻ دوران بدنظمي پيدا ٿي وئي، 4 ٽرڪن کي زبردستي خالي ڪيو ويو. پوليس لٺبازي ڪئي ته متاثرين ۽ شھرين پٿرا ڪري ايس ايڇ او اي سيڪشن سيد اصغر علي شاهه کي رتورت ڪري سندس پرائيويٽ ڪار جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. متاثرين ۽ شھرين پاران پوليس سان وقفي وقفي سان جهڙپن کانپو ميهڙ تعلقي جي 6 ٿاڻن جي پوليس طلب ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ان ڏس ۾ زخمي ايس ايڇ او سيد اصغر شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ميهڙ تعلقي جي مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن لا آيل راشن ڪجھه ماڻھو ڦر ڪري رهيا هئا، روڪڻ تان انهن مون مٿان حملو ڪري گاڏي جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا آھن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close