پاڪستانسنڌ

مٺي پوليس نوجوان جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪاري، ڌرڻا

مٺي/نئون ڪوٽ: ٿر جي وڄوٽو ٿاڻي اندر پوليس حراست ۾ پورهيت نوجوان منظور ڪورائي جي موت واري واقعي جو ملوث اهلڪارن ۽ ذميوارن مٿان قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف وارثن پاران مٺي ۽ نئون ڪوٽ ۾ هنيل ڌرڻا 3 ڏينهن ۾ داخل ٿي ويا، پر ايس ايس پي ٿرپارڪر پنهنجي ماتحت پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بچائڻ لا ضد نه ڇڏيو، جنهن ڪري ٿر ڪول ايريا واري سي پيڪ روڊ سميت مٺي کان ميرپورخاص، نئون ڪوٽ، بدين، ڪراچي ۽ ٻين شھرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون آھن ۽ 2 ڏينهن کان ضلعي هيڊڪوارٽر مٺي طرف ايندڙ ٽرئفڪ بند آھي. جڏهن ته هڪڙي پاسي نئون ڪوٽ ۾ پوليس حراست ۾ مارجي ويل نوجوان جون عورتون ۽ ٻار روڊ تي ڌرڻو هڻي ويٺل آھن ۽ نوجوان جي ٻڍڙي ما جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ عورتون احتجاج ۾ انصاف لا التجائون ڪري رهيون آھن ۽ پوليس کي پٽون ۽ پاراتا ڏئي ملوث پوليس اهلڪارن توڙي بڇ ڪندڙ خانگي ماڻھن جي گرفتاري ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيون آھن ته ٻئي طرف مٺي ڀرسان ڦانگاريو اسٽاپ وٽ نوجوان جا سوين وارث لاش رکي ڌرڻو هڻي سراپا احتجاج بڻيل آھن، ڌرڻي سبب سوين گاڏين جون قطارون بيهجي ويون، جنهن ڪري 40 ڪلاڪن کان روڊ بلاڪ آھن ۽ هزارين مسافر ڦاٿل ۽ دربدر آھن، پر ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي وارثن جي مرضي موجب ملوث اهلڪارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪاري بڻيل آھي. پوليس سنجيدگي سان معاملي جو حل ڪڍڻ لا ڪوبه تحرڪ نه ورتو آھي، جنهن ڪري هزارين مسافر دربدر آھن ۽ نوجوان جا وارث ٻن ڏينهن کان ڪڏهن گرمي ته ڪڏهن برسات واري صورتحال ۾ روڊ تي لاش رکي ويٺل آھن. نوجوان جي وارثن احمد ڪورائي، اسحاق ڪورائي، محمد، مٺو ڪورائي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان منظور کي پوليس لاڪ اپ ۾ قتل ڪري خودڪشي جو ڊرامو ڪري پئي، پوليس اسان جي نوجوان جي قاتل آھي، پر ايس ايس پي ڪيس داخل ڪرڻ جا دلاسا ڏئي دربدر ڪيو، اهو اهلڪارن کي بچائڻ چاهي ٿو، ٻن ڏينهن کان لاش رکي ويٺل آھيون، ايس ايس پي پنهنجي هوڏ تي قائم آھي. هاڻ احتجاج ختم ڪرڻ لا پوليس ڌمڪيون ڏئي رهي آھي، پر جيستائين ملوث اهلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل نه ٿيندو اسان اڻ اعلانيل مدي تائين ڌرڻو هڻي ويٺا رهنداسين ۽ لاش جي تدفين نه ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button