اسلام آباد: وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته قوم جي ابي جي 74 هين ورسي تي قوم ان جي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ جدوجهد، ڊگهي نظر ۽ قائداڻين صلاحيتن تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. پاڪستان کي پيش ايندر چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم کي قوم جي ابي جي ايمان اتحاد ۽ تنظيم جي لازوال سنهري اصولن تي عمل ڪرڻ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. آچر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو 74هون وفات ڏهارو آهي. هن چيو ته قائداعظم جي قيادت کان سواءِ مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿئي ها. هن چيو ته معاشي ڏکيائين ۾ ڦاٿل وطن ٻوڏ جي قدرتي آفت کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته مون کي پورو يقين ۽ ڀروسو آهي ته اسان پنهنجي ايمان جي طاقت، اتحاد ۽ ڀائپي سان پنهنجي صفحن ۾ اهڙو ڊسيپلين آڻينداسين جو صرف ٻوڏ ۽ معاشي ڏکيائي نه پر سمورن چئلينجز تي ضابطو آڻي قائداعظم جي عظيم پاڪستان واري منزل کي جلد حاصل ڪري وٺنداسين. رستو ڏکيو ضرور آهي پر منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close