
اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف دادو ۾ ٻوڏ جي پاڻي جي وهڪري کان گرڊ اسٽيشن کي ترت بچائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. آچر تي جاري ڪيل پڌرائي مطابق دادو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال، 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن کي خطري جي خبر تي وزيراعظم شهبازشريف فوري نوٽيس وٺي ڇڏيو. وزيراعظم اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت کي سمورا وسيلا ڪتب آڻي گرڊ اسٽيشن کي ٻوڏ کان بچائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جي هدايتن تي عمل ڪندي مورو شهر مان 3 ايڪسڪويٽر روانا ڪيا ويا. وزيراعظم ٻوڏ سان متاثر انفرااسٽرڪچر جي بچاءُ ۽ بحالي جي ڪم جي 24 ڪلاڪ پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گرڊ اسٽيشن کي فوري طور ٻوڏ سان نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي.