اسلام آبادپاڪستان

اڻ چونڊيل ادارا ماڻهن جي نمائندگي ناهن ڪندا،سياستدانن جو احترام ڪن:فواد چوڌري

اسلام آباد :تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته سياسي جماعتون عوام جي نمائندگي ڪنديون آهن، اڻ چونڊيل ادارا ماڻهن جي نمائندگي ناهن ڪندا. انهن کي سياسي قيادت جو احترام ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن جا فيصلا بند ڪمرن ۾ ٿيندا آهن، عوام جو پئسو لڳرائي چوندا آهن ته هاڻ چونڊون نه ٿينديون. اليڪشن ڪميشن ٻه ڏينهن اڳ چئي ڇڏيو ته هاڻ چونڊون نه ٿينديون. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ انتظامي بحران آهي، اهو بحران چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سندس ٽيم جي نالائقي سبب آهي. اسان سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ اي سي پي ميمبر خلاف ريفرنس داخل ڪيو آهي پر اسان جو ريفرنس ٻڌو ئي ناهي ويو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شهباز شريف کي جنهن ڏينهن حلف کڻڻو هو ان ئي ڏينهن مٿس فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو، انصاف ٿيندي نظر به اچڻ گهرجي. اسان ڪجهه چئون ته چيو ويندو آهي توهين ٿي وئي. فواد چوڌري چيو ته ادارن سان هڪ پيج تي رهڻ چاهيون ٿا، سياسي جماعتون ماڻهن جي مرضي جي نمائندگي ڪنديون آهن، اڻ چونڊيل ادارا ماڻهن جي نمائندگي ناهن ڪندا. ادارا هڪ پيج تي نه هجن ته ملڪ نٿو هلي سگهي، فيصلا بند ڪمرن ۾ نه ٿيڻ گهرجن، فيصلا ڪرڻ جو حق عوام کي هجڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button